Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

Book Name:Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

اسان اوهان کي دنيا جا اهي خزانا عطا فرمايون جيڪي نه اوهان کان پهريان ڪنهن کي مليا، نه اوهان کان بعد ڪنهن کي ملندا، ان تي وڌيڪ هيءُ ته انهن دنياوي خزانن جي ڪري اوهان جي اُخروي انعامات مان به ڪجھ گهٽ نه ڪيو ويندو. عابد ۽ زاهد نبي، مڪي مدني، محمدِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ عرض ڪيو: اي الله پاڪ! هي سڀ ڪجھ منهنجي لاءِ آخرت ۾ ئي جمع فرمائي ڇڏ!([1])

بعطائے رَبِّ حاکِم تُو ہے رِزْق کا بھی قاسِم      ہے ترا سب آب و دانہ مدنی مدینے والے!

مَیں غریب بےسہارا، کہاں اور ہے گزارا      مجھے آپ ہی نبھانا مدنی مدینے والے!([2])

زُهد مزاجِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  آهي

 پيارا اسلامي ڀائرو! دنيا ۽ دنياوي مال ۽ دولت جي ڪثرت يقيناً نقصان ڪار آهي پر ياد رکو! هيءَ هر هڪ کي نقصان ناهي پهچائيندي. عالمن سڳورن  لکيو آهي: اهي بلند رتبي وارا اولياءِ ڪرام جن جي دل ۾ الله پاڪ جي محبت سمائجي چڪي هجي، جن جي دلين ۾ الله پاڪ جي ياد، ان جي محبت کان سواءِ ڪجھ باقي ئي نه هجي، ان پاڪيزه دلين وارن اولياءِ ڪرام کي دنيا جي ڪثرت ڪجھ نقصان ناهي پهچائيندي.([3])

   الله اڪبر! هي پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا امَّتي آهن، جڏهن دنيا انهن کي نقصان نه ٿي پهچائي سگهي ته سرڪارِ عالي وقار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڪيئن ٿي نقصان پهچائي سگهي؟ جن جو قَرِيۡن (يعني گڏ رهڻ وارو شيطان) به ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويو هو، انهن کي دنيا جو مال ڇا نقصان پهچائيندو...؟ پر زُهد مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مزاج آهي، کين باقاعده پيشڪش ڪئي وئي:


 

 



[1] مصنف ابن ابی شیبہ، کتاب الفضائل، باب اعطی اللہ تعالیٰ محمد، جلد:7، صفحہ:444، حدیث:162۔

[2] وسائل بخشش، صفحہ:426۔

[3]  سبع سنابل مترجم،صفحہ:191خلاصۃً۔