Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

Book Name:Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

اي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اُخروي انعامات ۾ به بلڪل گهٽتائي نه ڪئي ويندي. پر قربان وڃو! اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مطصفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دنيا کان ڪمال بي رغبتي جو هيءُ عالَم آهي جو پاڻ ان جي باوجود به دنيا کي قبول نه فرمايائون بلڪه اهو ئي عرض ڪيائون: مولا! هي سڀ ڪجھ منهنجي لاءِ آخرت ۾ ئي جمع فرمائي ڇڏيو.

مون کي مال جمع ڪرڻ جو حڪم ناهي ڏنو ويو

   هاءِ! هڪ اسان ڪمزور دل آهيون، اسان جي آمدني گهٽ ٿي وڃي ته شڪايتون ڪرڻ لڳندا آهيون، ڪمائي وڌي وڃي ته عيش ۽ عشرت ۾ پئجي ڪري نافرمانيون ڪرڻ لڳندا آهيون، اسان جي حق ۾ ته دنيا سَراسَر نقصان ئي نقصان آهي پر پوءِ به اسان دنيا جمع ڪرڻ جي چڪر ۾ ئي رهندا آهيون. حضرت ابو مسلم خولاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کان روايت آهي، نبين جي نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: الله پاڪ مون کي مال جمع ڪرڻ جو حڪم ناهي ڏنو بلڪه ربِّ ڪريم مون کي حڪم ڏنو([1])

فَسَبِّحْ بِحَمْدِ رَبِّكَ وَ كُنْ مِّنَ السّٰجِدِیْنَۙ(۹۸) وَ اعْبُدْ رَبَّكَ حَتّٰى یَاْتِیَكَ الْیَقِیْنُ۠(۹۹)   (سيپارو: 14 سورة حجر:98_99)

ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ پنهنجي ربّ کي ساراهيندي ان جي پاڪائي بيان ڪر ۽ سجدي ڪندڙن مان ٿي وڃ. ۽ پنهنجي ربّ جي عبادت ڪندو رھ تان جو توکي موت اچي وڃي.

    پيارا اسلامي ڀائرو! سڄو قرآنِ ڪريم، تمام حديثون پڙهي ڪري ڏسو! اسان کي به اسان جي ربِّ ڪريم مال جمع ڪرڻ، مال جي محبت ۾ پوڻ جو


 

 



[1] الزہد امام احمد بن حنبل، صفحہ:317، حدیث:2316ملتقطاً۔