Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

Book Name:Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

حڪم ناهي ڏنو بلڪه اسان جو رزق ته الله پاڪ پنهنجي ذمهءِ ڪرم تي کنيو آهي، ها! اسان کي نيڪيون ڪري، عبادت ۽ رياضت ڪري آخرت ڪمائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي پر افسوس! اسان دنيا جي رنگينن ۾ گُم ٿي ڪري آخرت کي ويساري ڇڏيندا آهيون، دنيا جي محبت، مال ۽ دولت جي حرص ۾ ايئن گرفتار ٿيندا آهيون جو زندگي جو اصل مَقصد اسان کي ياد ئي ناهي رهندو. ڪاش! زُهدِ مصطفٰي جي صدقو اسان کي آخرت جو فڪر نصيب ٿي وڃي.

تِرا غم ہی چاہے عطّارؔ اِسی میں رہے  گرِفتار      غمِ مال سے بچانا مَدنی مدینے والے([1])

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                           صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

ناڪامي جو اَصۡل سبب غربت يا حرص؟

   خبر ناهي ڪنهن اسان جي ذهنن ۾ هي ڳالھ وجهي ڇڏي آهي ته ڪاميابي، ترقي، عروج مال ۽ دولت جي گهڻائي جو نالو آهي، خبر ناهي ڇو اسان جا خيالات اهڙا ٿي ويا آهن جو معاشري ۾ جيڪو امير آهي، اسان ان کي ڪامياب سمجهندا آهيون ۽ جيڪو ويچارو غريب آهي ان کي ناڪام، پوئتي رهجي وڃڻ وارو ۽ الائي ڇا ڇا سمجهندا آهيون.

   يقين ڪيو! ڪاميابي (Success) ۽ ناڪامي، ترقي ۽ تنزلي، پستي ۽ بلندي، انهن جو مال ۽ دولت سان ڪو تعلق ناهي. غور فرمايو! هن دنيا ۾ سڀ کان ڪامياب ۽ ڪامل ۽ اڪمل زندگي اسان جي محبوب آقا، ٻنهي جهانن جي داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي آهي، پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ته مال به جمع نه فرمايو هو،


 

 



[1] وسائل بخشش، صفحہ:426۔