Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

Book Name:Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

ڪري.([1])

 سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! پيارا اسلامي ڀائرو! هن حديٽِ پاڪ مان معلوم ٿيو: جڏهن به الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دعا ڪيو ته وسيلي سان دعا ڪيو، درودِ پاڪ به هڪ وسيلو آهي. تنهنڪري جڏهن به دعا گهرو، شروع ۽ آخر ۾ درودِ پاڪ پڙهي وٺندا ڪيو. والدِ اعلٰي حضرت، مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي فرمان جو خلاصو (Summary) آهي: دعا جي شروع ۽ آخر ۾ نبي اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ سندن آل ۽ اَصۡحاب تي درود موڪليو! جو درود الله پاڪ جي بارگاھ ۾ قبول آهي ۽ الله پاڪ هن کان بَرتَر آهي جو شروع ۽ آخر کي ته قبول فرمائي ۽ درميان (۾ جيڪا دعا گهري وئي) ان کي رَد ڪري ڇڏي.([2])

محبوبِ رَبِّ اکرم!                                                                                                                                          لاکھوں سلام تم پر

لاکھوں درود ہر دَم                                                                                                                                         لاکھوں             سلام           تم         پر([3])

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                           صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نيتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّيَّةُ الْحَسَنَةُ تُدْخِلُ صَاحِبَهَا الْجَنَّةَ سٺي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخِل ڪرائيندي آهي۔([4])      

  اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪريون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ بيان ٻڌندس * بااَدَب ويهندس * خوب تَوَجُّھ سان بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽


 

 



[1] مرقاۃ المفاتیح، کتاب الصلاۃ، جلد:3، صفحہ:17، تحت الحدیث:930۔

[2] فضائل دُعا، صفحہ:68 بتغیر قلیل ۔

[3] وسائِلِ فردوس، صفحہ:49۔

[4]...مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث:6895۔