Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

Book Name:Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

ايئن به ٿيندو هو جو ٻه ٻه مهينا گذري ويندا هئا، سرڪارِ عالي وقار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي گهر مبارڪ ۾ باھ نه ٻرندي هئي. حضرت عروه بن زُبير رَضِىَ اللهُ عَنْه عرض ڪيو: ماسي جان! پوءِ توهان گذر بسر ڪيئن ڪندا هئا؟ فرمايائون: کجور ۽ پاڻيءَ تي.([1])

   سيّده عائشه رَضِىَ اللهُ عَنْها وڌيڪ فرمائن ٿيون: ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو هو، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائيندا هئا: عائشه! اچو! برڪت واري غِذا کائو...!! مان حاضر ٿيندي هيس ته سامهون 2 کهجورون هونديون هيون.([2])

  روايتن ۾ آهي: تاجدارِ انبياء، محبوبِ خدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دنيا مان تشريف کڻي ويا، پاڻ ڪڏهن هڪ ڏينهن ۾ 2 ڀيرا ڍؤ ڪري کاڌو نه کاڌائون.([3])

آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بُک مبارڪ ياد اچي وئي!

   هڪ ڀيري حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْه ڪٿان کان گذري رهيا هئا، ڏٺائون: ڪجھ ماڻهو ويهي ڀُڳَل ٻڪري کائي رهيا آهن (هي ڏسي ڪري حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْه کي سرڪارِ عالي وقا، مڪي مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ بکَ ياد اچي وئي، دل بي قرار ٿي وئي) انهن حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْه کي کاڌي جي دعوت ڏني ته سندن کائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ فرمايائون: نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪڏهن جَوَن جي ماني ڍؤ ڪري نه کاڌي ايستائين جو دنيا مان تشريف کڻي ويا.([4])

   يعني مون کي ان وقت هي خيال آيو ته منهنجا محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ته زندگي شريف ۾ جَون جي ماني لاڳيتو ڍؤ ڪري نه کاڌي ۽ مان ڀُڳَل ٻڪري


 

 



[1] بخاری، كتاب الهبة وفضلها والتحريض عليها، صفحہ:661، حدیث:2567ملتقطاً۔

[2] سبل الہدی،  فی صفۃ عیشۃ فی الدنیا، جلد:7، صفحہ:100۔

[3] مسلم، كتاب الزہدوالرقائق،صفحہ:1138، حدیث:2974۔

[4] بخاری، کتاب الاطعمۃ، صفحہ:1386، حدیث:5414۔