Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

Book Name:Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

کاوان! دل نه ٿي چئي. حڪيمُ الامّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن روايت جي حوالي سان فرمائن ٿا: خيال رهي! هتي لاڳيتو نه کائڻ جو ذڪر آهي (يعني پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مسلسل اعلٰي کاڌا تَناول نه فرمايا، نه ته) حضورِ انور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ڀُڳل ڪُڪڙ به کاڌو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن.([1])

3 ڏينهن کان بعد هڪ گرھ (لقمو)...!!

   صحابيءِ رسول حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي: هڪ ڏينهن شهزاديءِ رسول، خاتون جنّت سيّده فاطمه رَضِىَ اللهُ عَنْها مانيءَ جو هڪ ٽڪرو کڻي بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيون. پياري نبي، رسولِ هاشمي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پڇيو: ڌيءُ! هي ڇا آهي؟ عرض ڪيائين: مانيءَ جو هڪ ٽڪرو آهي، مان چاهيان ٿي ته پهريان اوهان کي پيش ڪريان، (پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان مان ڪجھ کاڌو، پوءِ فرمايائون:) ڌيءُ! 3 ڏينهن کانپوءِ هي پهريون گرھ آهي جيڪو اوهان جي والِد جي وات ۾ ويو.([2])

بک جي سبب ويهي ڪري نماز پڙهي

   مشهور صحابيءِ رسول حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن مان بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيس، ڏٺم: پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ويهي (نفل) نماز ادا فرمائي رهيا آهن. مون عرض ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! ڪا تڪليف پهتي آهي ڇا؟ فرمايائون: (بلڪه نه) بک جي سبب ويهي ڪري پڙهان ٿو. حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: ٻنهي جهانن جي مالڪ ۽ مختار، رسولِ بي مثال صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هي ڳالھ ٻڌي ڪري منهنجي دل ڀرجي آئي، منهنجي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا. ڏکويل دلين جي چين، حسنين جي نانا جان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ


 

 



[1] مرآۃ المناجیح، جلد:7، صفحہ:63۔

[2] شُعب الایمان،باب فی الزہد، جلد:7، صفحہ:315، حدیث:10430۔