Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

Book Name:Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

فرمايو: اي ابوهريره! نه رُو!...!! بيشڪ جيڪو دنيا ۾ ثواب جي امّيد تي بکَ برداشت ڪري، اهو قيامت جي شديد بک کان محفوظ رهندو. ([1])

رات جو کاڌو صبح جي لاءِ نه رکندا هئا !

   ابنِ عساڪر جي روايت آهي: مالڪِ جنّت، قاسمِ نعمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صبح جو کاڌو رات جي لاءِ ۽ رات جو کاڌو صبح جي لاءِ بچائي ڪري نه رکندا هئا، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وٽ ڪڏهن به 2 شيون جمع نه ٿيون (يعني ضروري استعمال جي هر شيءِ هڪ وقت ۾ هڪ ئي هوندي هئي مثال طور) 2 قميصون، 2 چادرون، نعلين شريف جا 2 جوڙا ڪڏهن نه ٿيا (بلڪه هڪ وقت ۾ هڪ هڪ جوڙو ئي هوندو هو). سيّده عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها وڌيڪ فرمائن ٿيون: پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي گهر ۾ ڪڏهن فارغ نه ڏٺو ويو، جيئن ڪجھ وقت ملندو هو پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جوتا ڳنڍيندا هئا ته جيئن ڪو مسڪين پائي وٺي يا ڪپڙن کي چَتي هڻي وٺندا ته جيئن ڪنهن غريب کي ڪم اچي وڃن.([2])

   پيارا اسلامي ڀائرو! هيءَ ان شاھِ خوش خِصال، محبوبِ ربِّ ذُوالجلال صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ حالت آهي، جن جي هٿن ۾ ٻنهي جهانن جي خزانن جون چاٻيون ڏنيون ويون. پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فقر اختياري هو. نه ته خدا جو قَسم! جنهن کي جيڪو ڪجھ ملندو آهي اهو پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صدقي ۾ ئي ملندو آهي ۽ ڪائنات جي هر هر شيءِ کي نورِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فيض پهچندو آهي.

مالکِ کونین ہیں گو پاس کچھ رکھتے نہیں           دو جہاں کی نعمتیں ہیں ان کے خالی ہاتھ میں

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                           صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1] شُعب الایمان،باب فی الزہد، جلد:7، صفحہ:314، حدیث:10425۔

[2] تاریخ دمشق  ابن عساکر، جلد:4، صفحہ:101۔