Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

Book Name:Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

هڪ صاحبِ نظر جي حڪايت

   هڪ وليُ الله مانيءَ جو ٽڪرو کائڻ جي لاءِ کنيو پوءِ ان ۾ روحانيت جي نظر سان غور ڪيائين ته ان ٽڪري ۾ نور جو هڪ ڪرڻو نظر آيو پوءِ ان ڪرڻي جي ذريعي نظر مٿي کنيائين ته ڏٺائون ته اهو نوري ڪرڻو رحمتِ عالَم، نورِ مجسّم، شاھِ بني آدم، رسولِ مُحتشم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نور جي هڪ ڪرڻي سان وابسته آهي. شروع ۾ هڪ ڪرڻو نظر آيو. پوءِ غور ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته  حضور سراپا نور، فيضِ گنجور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نور جا ڪرڻا دنيا جي هر نعمت تائين پهچي رهيا آهن.([1])

کیا نورِ اَحمدی کا چمن میں ظُہُور ہے                               ہر گُل میں ہر شَجَر میں مُحَمَّد  کا نُور ہے

2 ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو کاڌي جي پسند جو اظهار

   اسان جي مٺي مٺي آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بک شريف اختياري هئي، حضورِ اڪرم، نورِ مُجسّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: منهنجي ربّ منهنجي لاءِ اهو پيش فرمايو ته منهنجي لاءِ مڪي شريف جي جبلن کي سونَ جو بڻايو وڃي، پر مون عرض ڪيو، اي الله پاڪ! مون کي ته هي پسند آهي ته جيڪڏهن مان هڪ ڏينهن کاوان، ته ٻئي ڏينهن مان بکايل رهان، ته جيئن جڏهن مان بکايل رهان ته تنهنجي طرف لڙڪ وهايان ۽ توکي ياد ڪريان ۽ جڏهن کاوان ته تنهنجو شڪر ۽ حمد ڪريان.([2])

سلام اُن پر شکم بھر کر کبھی کھانا نہ  کھاتے تھے

              سلام   اُن  پر   غمِ  اُمّت  میں   جو  آنسو  بہاتے  تھے 


 

 



[1] فیضان سنت، پیٹ کا قفل مدینہ، صفحہ:648۔

[2] ترمذی، کتاب  الزہد، باب ما جاء فی الکفاف والصبر، صفحہ:561، حدیث:2347۔