Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

Book Name:Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

ڪري وٺو، ان ۾ مختلف نيڪ اعمال تي مشتمل سوالات ڏنا ويا آهن، هر سوال جي هيٺان 30 خانا آهن، روزانو پنهنجي مرضيءَ جو ڪوبه وقت مقرر ڪري پنهنجي اعمال جو جائزو وٺو، ۽ ان جي مطابق زندگي گذاريو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جي برڪت سان گناھن کان بچڻ ۽ نيڪين ڪرڻ جو ذهن بڻجندو، دل کي پاڪيزگي ملندي ۽ ڪردار صاف سٿرو ۽ خوبصورت ٿي ويندو. اچو! ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:

پورو گهراڻو سُڌري ويو

   ضلع اٽڪ (پنجاب، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاء جو بيان آهي، مان گناھن ڀري زندگي گذاري رهيو هيس، فلمون ڏسڻ، آوارا گردي ڪرڻ، نمازون قضا ڪرڻ وغيره منهنجي معمولات ۾ شامل هو، هڪ ڀيري اسان جي علائقي ۾ عاشقانِ رسول جو مدني قافلو آيو، انهن مان هڪ اسلامي ڀاءُ مونکي مغرب جي نماز پڙهڻ ۽ بيان ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، منهنجي خوش نصيبي جو مان انهن سان گڏ مسجد هليو ويس، مغرب کان بعد بيان ٻڌي ڪري وڏو لطف آيو، بيان جي آخر ۾مبلغ نيڪ اعمال رسالي جو تعارف (Introduction) ڪرايو، رسالي نيڪ اعمال ۾ لکيل نيڪين ڀري زندگي گذارڻ جا مدني گُلَ ڏسي ڪري مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي، ان رسالي جي صورت ۾ شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو اصلاحِ امّت جي لاءِ جذبو ڏسي ڪري مون هٿون هٿ بيعت جي لاءِ نالو ڏئي ڇڏيو ۽ عطاري بڻجي ويس، وقت جي ڪامل ولي سان نسبت ڇا ٿي، دل گناھن کان بيزار ۽ نيڪين جي طرف مائل ٿي وئي، مون گناھن کان توبھ ڪئي ۽ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول کي دل ۽ جان سان اپنائي ورتو، ان جي برڪت سان منهنجا اخلاق سٺا ٿيڻ لڳا، منهنجي ان تبديلي جو منهنجي گهر وارن تي به چڱو اثر ٿيو، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! آهسته آهسته پورو گهراڻو ئي قادري، رضوي، عطاري بڻجي ويو، گهر ۾ نمازن جي پابندي شروع ٿي وئي، فلمون ڊراما، ڳائڻ وڄائڻ بند ٿي ويا ۽ گناھن ڀري چينلز