Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

Book Name:Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

نبوت  صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!               جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

قَناعت سنّتِ مصطفٰي آهي

2 فرامينِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ (1): جنهن ايمان آندو، ڪفايت جيترو رزق ڏنو ويو ۽ ان الله پاڪ جي ڏنل تي قَناعت ڪئي بيشڪ اهو ڪامياب (Successful) ٿيو([2]) (2): اي ابو هريره! قَناعت اختيار ڪيو سڀ کان وڏو شڪر گذار بڻجي ويندي.([3])

   اي عاشقانِ رسول! قَناعت سنّتِ مصطفٰي آهي. قناعت جي معنٰي آهي: جيترو مليو ان تي راضي رهڻ، وڌيڪ جي خواهش نه ڪرڻ * اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي جيڪو ملندو رضا خوشيءَ سان تناول فرمائيندا هئا * پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪڏهن به کاڌي ۾ عيب نه ڪڍيو * پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪڏهن لذيذ (Tasty) مزيدار کاڌن جي خواهش نه فرمائي * پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مال ۽ دولت جي خواهش نه رکندا هئا.

کل جہاں مِلک اور جَو کی روٹی غذا                    اس شکم کی قناعت پہ لاکھوں سلام([4])

   پيارا اسلامي ڀائرو! سنّتِ مصطفٰي تي عمل ڪيو! قَناعت اختيار ڪيو * قَناعت ايمان جو ڪمال، اسلام جو حُسن آهي * قَناعت ڪرڻ وارو پاڻ کي دنيا


 

 



[1] تاریخ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔

[2] مسلم، کتاب:الزکاۃ، باب:القناعۃ، صفحہ:376، حدیث:1054۔

[3] ابن ماجہ، کتاب:الزہد، باب:الورع والتقویٰ،صفحہ:684، حدیث:4217ملتقطًا۔

[4] حدائق بخشش، صفحہ:304۔