Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

Book Name:Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔ * ۽ پياري آقا، آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي آمد جي خوشي ۾ جهومي نعرا به لڳائيندس، جهنڊا به لهرائيندس ۽ ذڪرِ مصطفٰي ٻڌي  ڪري دل به ٿڌي ڪندس.

آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن دنيا کي ڌڪاري ڇڏيو

   مسلمانن جي پهرين خليفي، اميرُ المؤمنين حضرت ابوبڪر صِدِّيق رَضِىَ اللهُ عَنْه جي دورِ خلافت (Caliphate) جي ڳالھ آهي، حضرت زيد بن اَرۡقم رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن اسان حضرت ابوبڪر صِدِّيق رَضِىَ اللهُ عَنْه سان گڏ هئاسين، پاڻ پيئڻ جي لاءِ پاڻي گهريو ته سندن خدمت ۾ ماکي مليل پاڻي پيش ڪيو ويو، جڏهن حضرت ابوبڪر صِدِّيق رَضِىَ اللهُ عَنْه اهو شربت هٿ ۾ ورتو ته پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه تي ڏَڪڻي طاري  ٿي وئي، پاڻ سڏڪا ڀري، زاروقطار روئڻ لڳا.

    ڪافي دير کان بعد پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه جي ڪيفيت (Condition) ڪجھ بهتر ٿي ته اسان عرض ڪيو: اي خليفهءِ رسول! ڪهڙيءَ ڳالھ اوهان کي روئاري ڇڏيو؟ ان تي حضرت ابوبڪر صِديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جن فرمايو: هڪ ڏينهن مان رسولِ رحمت، شفيعِ امّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گڏ هيس، مون ڏٺو ته پيارا نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪنهن شيءِ کي لوڌي رهيا آهن حالانڪه اتي ڪجھ  به نظر نه اچي رهيو هو، مون عرض ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اوهان ڪنهن شيءِ کي ڌڪاري رهيا آهيو؟ مالِڪِ جنّت، صاحبِ ڪوثر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: دنيا منهنجي سامهون آئي، مون ان کي چيو: اِلَیْکَ عَنِّی يعني اي دنيا! مون کان پري ٿي وڃ...!

   حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه وڌيڪ فرمائن ٿا: اڄ جڏهن مونکي پاڻيءَ جي جڳھ تي شربت پيش ڪيو ويو ته مونکي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دنيا کان بي رغبتي ياد اچي وئي ۽ مونکي خوف ٿيو ته ڪٿي مان دنياوي سهولتن جو