Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

Book Name:Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دنيا جي عيش ۽ عشرت، هتان جي فاني نعمتن ۾ دل نه لڳائيندا هئا، پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ زاهدن جا به سردار آهن، پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دنيا کان ڪمال درجي جي بي رغبتي رکندا ۽ هميشه دنيا جي نسبت آخرت کي ئي پسند فرمائيندا هئا. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

لَا تَمُدَّنَّ عَیْنَیْكَ اِلٰى مَا مَتَّعْنَا بِهٖۤ اَزْوَاجًا مِّنْهُمْ    (سيپارو: 14، سورة حجر: آيت 88)

ترجمو ڪنزالعرفان: توهان پنهنجي نگاھ ان مال ۽ اسباب ڏانهن نه کڻو جنهن جي ذريعي اسان ڪيترن ئي قِسمن جي ڪافرن کي فائدو کڻڻ ڏنو آهي.

    تفسيرِ صراطُ الجنان ۾ هن آيت جي حوالي سان آهي: اي نبين جا سردار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اسان  اوهان کي اهڙيون نعمتون عطا فرمايون آهن جن جي سامهون دنيا جون نعمتون حقير آهن، ته اوهان دنيا جي مال ۽ متاع کان بي پرواھ (Indifferent) رهو.

    مفسرينِ ڪرام هن آيت جي وضاحت ۾ فرمائن ٿا: مالڪِ جنّت، صاحبِ ڪوثر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پهريان به دنيا جي طرف رغبت نه رکندا هئا، پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هميشه آخرت کي پسند فرمايو، گهڙي کن جي لاءِ به سندن پاڪيزه دل ۾ دنيا جي محبت نه آئي، آيتِ ڪريمه جو مطلب هي آهي ته اي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اوهان پهريان به دنيا کان بي رغبت هئا، هن بي رغبتيءَ تي ثابت قدم رهجو!([1])

زُہد و ورع میں یانبی تم بےمثال ہو             بےحد گنہگار مَیں، عصیاں شعار مَیں


 

 



[1] تفسیر صراط الجنان، پارہ:14، سورۂ حجر، تحت الآیۃ:88، جلد:5، صفحہ:265ماخوذاً۔