Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

Book Name:Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

امّت کي دنيا کان بي رغبتي جو حڪم

   الله اڪبر! اي عاشقانِ رسول! اسان جا آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دنيا کان تمام گهڻي بي رغبتي رکڻ واراهئا، ان جي باوجود پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي حڪم ٿيو ته ڪافرن کي ڏنل مال ۽ اسباب جي طرف نگاھ نه کڻو! ڪجھ عالم سڳورا فرمائن ٿا: هي حڪم اَصل ۾ اسان غُلامانِ مصطفٰي جي لاءِ آهي، يعني اسان مسلمانن کي فرمايو ويو آهي ته اي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا غُلامو! توهان کي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صدقي ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون نعمتون عطا ٿيون، توهان کي ايمان مليو، اسلام عطا ٿيو، قرآنِ ڪريم ڏنو ويو، اهڙي پياري محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رحمت ڀري دامن سان نوازيا ويؤ، پوءِ پياري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صدقي ۾ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! توهان کي جنّت جون هميشه واريون نعمتون به عطا ڪيون وينديون، هي سڀ ڪافرن کي ڪٿي نصيب آهن...!! ان ڪري ڪافرن کي مليل دنياوي، فاني مال ۽ اسباب جي طرف نگاھ نه کڻو! ان کي هرگز خواهش جي نظرن سان نه ڏسندا ڪريو!

قربان مَیں اُن کی بخشش کے مقصد بھی زباں پر آیا نہیں

بِن مانگے دیا اور اتنا دیا دامن میں ہمارے سمایا نہیں

ایمان ملا اُن کے صدقے قرآن ملا اُن کے صدقے

رحمٰن ملا اُن کے صدقے وہ کیا ہے جو ہم نے پایا نہیں

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                           صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

ڪافر جي لاءِ دنيا ۽ اسان جي لاءِ آخرت

   مسلمانن جو ٻيو خليفو، حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه بارگاھ رسالت ۾