Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

Book Name:Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

حاضر ٿيو، ڏٺائون: هڪ چمڙي جو وهاڻو آهي، جنهن جي اندر کجيءَ جو کاٻر ڀريل هو، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان وهاڻي تي ٽيڪ لڳائي کَهُري واڻَ (Coarse cloth) مان واڻيل کٽ تي ليٽيل آهن، کٽَ تي ڪو هنڌ يا ڪپڙو به نه هو، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کٽ تان اٿيا ته سندن جسم مبارڪ تي واڻَ جا نشانَ پيل هئا.

   آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دنيا کان ڪناره ڪشي ڪرڻ جو هي منظر ڏسي سچي عاشق حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جي دل ڀرجي آئي، اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا. پاڻ ڪريمن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سچي عاشق کي روئيندي ڏسي فرمايائون: اي عمر! ڇو ٿو روئين؟ عرض ڪيائين: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! خدا جو قسم! بارگاھِ الهي ۾ اوهان جو وڏو بلند مقام آهي، اوهان قيصر ۽ ڪسرٰي (روم ۽ ايران جي بادشاهن) کان تمام وڌيڪ عزّت وارا آهيو، يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مونکي روئڻ ان ڳالھ تي آيو جو قيصر ۽ ڪسرٰي ته دنياوي نعمتن ۾ عيش سان زندگي گذارين ۽ اوهان الله پاڪ جا رسول ٿي ڪري اهڙي زاهدانه زندگي گذاري رهيا آهيو؟ سچي عاشق جي ڳڻتي جوڳي ڳالھ ٻڌي ڪري سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اي عُمر! ڇا تون هن (ڳالھ) تي راضي ناهين ته انهن ڪافرن جي لاءِ دنيا آهي ۽ اسان جي لاءِ آخرت آهي؟([1])

   پيارا اسلامي ڀائرو! ٻڌو توهان! اسان جا آقا، پيارا پيارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دنيا کان ڪيتري قدر ڪناره ڪشي ڪندا هئا، هتان جي فاني نعمتن ۽ عيش و عشرت کان پري رهندي ڪهڙي نه سادي ۽ زاهدانه زندگي گذاريندا هئا.

سلام اس پر کہ جس نے بے کسوں کی دستگیری کی         سلام اس پر کہ جس نے بادشاہی میں فقیری کی

سلام اس پر کہ جس کے گھر میں چاندی تھی نہ سونا تھا       سلام اس پر کہ سادہ بوریا جس کا بچھونا تھا


 

 



[1] مجمع الزوائد، کتاب الزہد، جلد:10، صفحہ:428، حدیث:18298۔