Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

Book Name:Aaqa Ki Dunyia Say Be Raghbati

آخرت کي دنيا تي ترجيح ڏيو!

   هن حديثِ پاڪ ۾ هي ڪيترو پيارو ۽ نصيحت (Advice) ڀريو مدني گلُ آهي. سرڪارِ اعظم، رسولِ محترم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اي عمر! ڇا تون هن (ڳالھ) تي راضي ناهين ته ڪافرن جي لاءِ دنيا ۽ اسان جي لاءِ آخرت آهي.

   معلوم ٿيو: پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دنيا تي آخرت کي ترجيح ڏيندا هئا. ڪاش! اسان به اهو ذهن بنايون، دنيا وڃي ٿي ته ڀلي وڃي پر ڪنهن صورت به آخرت هٿان نه وڃي. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

مَنْ كَانَ یُرِیْدُ حَرْثَ الْاٰخِرَةِ نَزِدْ لَهٗ فِیْ حَرْثِهٖۚ-وَ مَنْ كَانَ یُرِیْدُ حَرْثَ الدُّنْیَا نُؤْتِهٖ مِنْهَا وَ مَا لَهٗ فِی الْاٰخِرَةِ مِنْ نَّصِیْبٍ(۲۰)  

(سيپارو: 25، سورة شورٰي: آيت 20)

ترجمو ڪنزالعرفان: جيڪو آخرت جي پوکَ گهري ٿو ته اسان ان جي لاءِ ان جي پوکَ ۾ اضافو ڪري ڇڏيندا آهيون ۽ جيڪو دنيا جي پوکَ چاهي ٿو ته اسان ان کي ان مان ڪجھ ڏئي ڇڏيندا آهيون ۽ آخرت ۾ ان جو ڪو حصو ناهي.

 يعني جنهن کي پنهنجي اعمال مان آخرت جو نفعو (Benefit) حاصل ڪرڻ مقصود هجي، جيڪو دنيا جو نه بلڪه آخرت جو فڪر ڪري، الله پاڪ ان کي نيڪين جي توفيق ڏئي ڪري، ان جي لاءِ نيڪ اعمال جون راهون آسان فرمائي ڪري، ان جي نيڪين جو ثواب ڪيئي ڀيرا وڌائي ان جي اُخروي نفعي ۾ اضافو فرمائي ڇڏيندو آهي ۽ جنهن جو عمل صرف دنيا حاصل ڪرڻ جي لاءِ هجي ۽ اهو آخرت تي ايمان نه رکندو هجي، ته الله پاڪ ان کي دنيا مان صرف ايترو ئي ڏيندو آهي، جيترو ان جي قسمت ۾ آهي ۽ آخرت جي نعمتن ۾ ان جو