2 Khatarnak Bhediya

Book Name:2 Khatarnak Bhediya

حُبِّ جاھ، شھرت، عزَّت ته ماڻھون مون کي ڏسن، منھنجون شيون ڏسن ته واھ واھ چوَن۔

      اي عاشقان رسول! صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان اسان جا آئيڊيل (Ideal) آھن، اسان جي لاءِ بھترين نمونو آھن، انھن جا به پاڻ مقابلا ٿيندا ھئا هي به ھڪٻئي کان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪندا ھئا ليڪن ڪھڙن ڪمن ۾ نفل روزن ۾، راھِ خدا ۾ خرچ ڪرڻ ۾، عبادت ۾، جيئن مسلمانن جو ٻيو خليفي حضرت عمر فاروق رَضِىَ اللهُ عَنْه غزوه تبوڪ ۾ گھر جو اڌ مال خيرات ڪرڻ جي لاءِ کڻي آيو ته مسلمانن جو پھريون خليفو حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه گھر جو سڄو سامان کڻي آيو۔([1]) صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان ۾ پيءُ پٽ جي درميان جھاد ۾ شرڪت جي لاءِ بحث ٿيندو ھيو، ھرڪو چوندو ھو مان شرڪت ڪندس توھان گھر ۾ رھو، ايسيتائين جو معذور صحابه ڪرام عَلَیْہِمُ الرِّضْوَان به راھِ خدا ۾ شھادت جي لاءِ بيقرار رھندا ھئا۔([2]) غربت ۽ بيڪسي جي ڪري راھِ خدا ۾ سفر نه ڪري سگھڻ وارا روئندا ھئا۔ ھڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه جيڪڏھن اڌ رات عبادت ڪندو ھو ته ٻيو سڄي رات عبادت ۾ مشغول ٿي ويندو هو، ھڪ جيڪڏھن ٽي حصا قرآن جي تلاوت ڪندو ته ٻيو اڌ قرآن جي تلاوت ڪندو ھو. ([3])

 ڪاش! اسان دنيا جا نه آخرت جا طلبگار بڻجي وڃون، دنيا ۾ جيڪڏھن عزَّت ملي به وئي، شھرت نصيب ٿي به وئي پر ان جي بدلي آخرت داءُ تي لڳي وئي ته ڪھڙو فائدو، ھتي سڀ فاني آھي، چند ڏينھن جي دنيا آھي، افسوس! قيامت جو اھو ڏھڪاءَ وارو ڏينھن.....! اڳيان پويان سڀ حاضر ھوندا، قهر کي منهن ڏيڻو پوندو، ان وقت جيڪڏھن اعمالنامو کوليو ويو، ان ۾ گناھن جي ڀرمار نڪتي ته ان وقت جيڪا شرمندگي ٿيندي اُن شرمندگي ۽ ندامت جو ڇا


 

 



[1]... شرح الزرقانی، کتاب المغازی، ثم غزوۃ تبوک ، جلد:4، صفحہ:69۔

[2]...مدارج النبوہ، صحابہ در جنگ احد، جز:2، صفحہ:124۔

[3]...تفسیر صراط الجنان، پارہ:2،  سورۂ بقرۃ، تحت الآیۃ:148، جلد:1، صفحہ:237۔