2 Khatarnak Bhediya

Book Name:2 Khatarnak Bhediya

خدمت دين جي تمام شعبن جي تمام اخراجات جي لاءِ دعوت اسلامي ٽرسٽ کان تعاون ڪيو. خوب دل کولي صدقو ۽ خيرات ڪيو! هڪ يونٽ: 10 هزار جو آهي. جيڪو هڪ يونٽ ڏئي سگهي ٿو، اهو هڪ يونٽ ڏي، جيڪو 12 يونٽ ڏيڻ جي استطاعت رکي ٿو ته اهو 12 يونٽ ڏي، جنهن جي جيتري همت، جنهن کي جيتري توفيق نصيب ٿي. بهرحال ٽيلي ٿون ۾ حصو ضرور به ضرور شامل ڪيو! راھ خدا ۾ خرچ ڪرڻ پرهيزگارن جي بنيادي وصفن مان آهي. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

وَ اَنْفِقُوْا فِیْ سَبِیْلِ اللّٰهِ وَ لَا تُلْقُوْا بِاَیْدِیْكُمْ اِلَى التَّهْلُكَةِ ﳝ

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ الله پاڪ جي راھ ۾ خرچ ڪيو ۽ پنهنجي هٿن کي هلاڪت ۾ نه وجهو. (پارہ:2، سورۂ بقرہ:195)

يعني راھ خدا ۾ خرچ ڪرڻ بند ڪري يا گهٽ ڪري پاڻ کي هلاڪت ۾ نه وجهو!( تفسیر صراط الجنان، پارہ:2، سورۂ بقرہ، زیرِ آیت:195، جلد:1، صفحہ:309) خبر پئي، خدا جي راھ ۾ خرچ ڪرڻ ۾ اسان ئي جو فائدو آهي. اسان جيڪر دين جي مالي خدمت ترڪ ڪري ڇڏينداسين ته مسجدون ڪيئن ٺهنديون؟ لکين حافظ ڪيئن تيار ٿيندا؟ هزارين عالم، 80 کان وڌيڪ ديني شعبا ڪيئن ڪم ڪري سگهندا؟ الحمدلله! دعوت اسلامي دين جي خدمت ڪري رهي آهي، دعوت اسلامي اسان جي نسلن کي بچائي رهي آهي، دعوت اسلامي اسان جي ايمان جي حفاظت ڪري رهي آهي. گهر گهر ۾ نيڪي جي دعوت پهچائي ڪري گهر امن جو گهوارو بڻائي رهي آهي. اسان دعوت اسلامي جو ساٿ ڏينداسين ته اِنْ شآءَ اللہ الْکَرِیْم ! هن جو فائدو اسان کي، اسان جي نسل کي ئي ٿيندو. لهٰذا همت ڪيو! دل کولي راھِ خدا ۾ خرچ ڪيو! دعوت اسلامي جو ساٿ ڏيو! الله پاڪ چاهيو ته دين ۽ دنيا جون برڪتون نصيب ٿينديون. الله پاڪ اسان کي دين جي خدمت ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.  آمین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّیْن   صَلَّی اللہ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم