2 Khatarnak Bhediya

Book Name:2 Khatarnak Bhediya

درخواست ڪئي ۽ چيو: اُن جو قسم جنهن توهان کي سچو نبي بڻائي ڪري موڪليو ته جيڪڏهن اهو مون کي مال ڏيندو ته مان هر حق وارو جو حق ادا ڪندس. حضورِ اقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دعا فرمائي، جيئن ته الله پاڪ ان جي ٻڪرين ۾ برڪت وڌي ۽ ايتريون ٻڪريون وڌي ويون جو مديني منوره ۾ سندس ٻڪرين جي گنجائش نه رهي، جيئن ته اهو لالچي شخص ٻڪريون ڪاهي جھنگل ۾ هليو ويو ۽ جمعي ۽ جماعت جي حاضري کان به محروم ٿي ويو. حضورِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اُن جي باري ۾ پڇا ڪئي؟ ته صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان عرض ڪيو ته ان وٽ مال تمام گھڻو ٿي ويو آهي ۽ هاڻي جھنگ ۾ به سندس مال (بيهارڻ) جي گنجائش ناهي رهي پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اُن تي افسوس.....!!

پوءِ جڏهن پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ زڪوٰة وٺڻ  وارن کي موڪليو ته ماڻهن کين پنهنجا پنهنجا صدقا ڏنا، جڏهن اُن لالچي شخص کان انهن صدقو گھريو ته ان چيو: هي ته ٽيڪس ٿي ويو، توهان وڃو مان پهريان سوچي وٺان. جڏهن هي ماڻهو رسولِ اڪرم، نورِ مُجسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ واپس آيا ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن جي ڪجھ عرض ڪرڻ کان پهريان ئي 2 ڀيرا فرمايو: اُن (لالچي شخص) تي افسوس....!! اُن کان پوءِ هي آيت ڪريمه نازل ٿي([1])   

وَ مِنْهُمْ مَّنْ عٰهَدَ اللّٰهَ لَىٕنْ اٰتٰىنَا مِنْ فَضْلِهٖ لَنَصَّدَّقَنَّ وَ لَنَكُوْنَنَّ مِنَ الصّٰلِحِیْنَ(۷۵) فَلَمَّاۤ اٰتٰىهُمْ مِّنْ فَضْلِهٖ بَخِلُوْا بِهٖ وَ تَوَلَّوْا وَّ هُمْ مُّعْرِضُوْنَ(۷۶)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ انهن ۾ ڪجھ اُهي آهن جن الله سان وعدو ڪري رکيو آهي ته جيڪڏهن الله اسان کي پنهنجي فضل سان ڏيندو ته اسان  ضرور صدقو ڪنداسين ۽ اسان ضرور صالحن مان ٿينداسين. پوءِ جڏهن الله انهن کي


 

 



[1]...تفسیر صراط الجنان، پارہ:10، سورۂ توبہ، تحت الآیۃ:75-76، جلد:4، صفحہ: 186۔