2 Khatarnak Bhediya

Book Name:2 Khatarnak Bhediya

غُربت جي زندگي گذاري رهيا هوندا آهن، اهي دعائون ڪندا آهن: اي ربّ پاڪ! اي پالڻهار! اسان کي مال عطا فرماءِ، اسان ان مال ذريعي نيڪ ڪم ڪنداسون، غريبن جي مدد ڪنداسين، بي سهارن جو سهارو بڻجنداسين. پر افسوس! جڏهن انهن کي مال ملندو آهي، انهن جي غربت اميري ۾ تبديل ٿي ويندي آهي ته الله پاڪ سان ڪيل سڀ وعدا وسري ويندا آهن، مال جي ذريعي غريبن، بي سهارن جي مدد ڪرڻ ته پري جي ڳالهه انهن کي چڱي نظر سان ڏسڻ به پسند ناهن ڪندا. ياد رکو! قرآنِ ڪريم هن طرزِ عمل کي منافقن جو انداز قرار ڏي ٿو ۽ يقيناً هي هڪ سچي مسلمان جو ڪردار (Character) نه ٿو ٿي سگھي. ([1]) ڪاش! مال ۽ دولت جي محبت جي بجاءِ اسان کي دولتِ عشقِ رسول نصيب ٿي وڃي. شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنّت دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه بارگاھِ رسالت ۾ عرض ڪن ٿا:

مُجھ کو دنیا کی دولت نہ زَر چاہئے                    شاہِ کوثر کی میٹھی نَظَر چاہئے

ذَوق بڑھتا رہے اَشْک بہتے رہیں                  مُضطَرِب قَلب اور چَشمِ تر چاہئے

بس مدینے میں دوگز زمیں دیجئے                    اور نہ کچھ اے شہِ بحرو بر چاہئے([2])

صَلُّوا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

 اي عاشقانِ رسول! اندازو ڪيو! مال جي محبّت ايمان جي لاءِ ڪيتري قدر خطرناڪ آهي. مال جي محبت جڏهن دل ۾ گَهۡرُ ڪري ويندي آهي ته ايمان جي نُور کي گهٽ ڪري ڇڏيندي آهي، الله پاڪ جي نبي حضرت موسيٰ عَلَیْہِ السَّلَام جي دور ۾ هڪ شخص هو، جنهن کي بَلۡعَمۡ بن باعُوراء چيو وڃي ٿو، هي پنهنجي وقت جو تمام وڏو عالم هو، رَبِّ ڪائنات ان کي اهڙو بلند رُتبو عطا فرمايو هو جو زمين تي ويهي ڪري جڏهن نگاھ کڻندو هو ته لوحِ محفوظ


 

 



[1]...تفسیر صراط الجنان، پارہ:10، سورۂ توبہ، تحت الآیۃ: 77، جلد:4، صفحہ:189ملتقطاً۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:513۔