Ghous e Pak Kay Iman Afroz Bayanaat

Book Name:Ghous e Pak Kay Iman Afroz Bayanaat

پنهنجي حساب سان تمام بهترين خطاب ڪيو پر عجيب ڳالھ هئي، ايڏي اعلٰي علمي گفتگو ٻڌي ڪري نه ڪنهن جي دل نرم ٿي، نه ڪنهن جي اک مان ڳوڙها نِڪتا.

   خير! مون پنهنجو بيان مڪمل ڪيو، هاڻي والدِ محترم حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه منبر تي تشريف کڻي آيا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه بيان شروع ڪيو، پاڻ صرف اوترو ئي چيو: کُنْتُ صَائِمًا اَمْشِ ڪالھ مون روزو رکيو هو.

   پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه بس اهي الفاظ چيا ۽ سندن الفاظن ۾ اهڙي ڪمال تاثير هئي جو پوري مجمعي تي رقّت طاري ٿي وئي، عجيب روحاني ڪيفيت ڇائنجي وئي، مان وڏو حيران هيس، مون وڏيون وڏيون تحقيقون پيش ڪيون، ماڻهن تي انهن جو ڪو اثر نه ٿيو، والد صاحب بَس اوترو ئي چيو ته مون ڪالھ روزو رکيو هو ۽ محفل جو رنگ ئي تبديل ٿي ويو، آخر ان ۾ راز ڇا آهي؟ فرمائن ٿا: والدِ محترم منهنجي حيراني ختم ڪندي فرمايائون: پٽَ! تون پنهنجي طرفان تقرير ڪري رهيو هئين، تون پنهنجو مافي الضمير بيان ڪري رهيو هئين پر مان پنهنجي طرف کان نه ٿو ڳالهايان بلڪه

وَ عِزَّۃِ الْعَزِیْزِ مَا تَکَلَّمْتُ حَتّیٰ قِیْلَ لِیْ بِحَقِّی عَلَیْکَ تَکَلَّمْ یُسْمَعُ مِنْکَ

الله ربُّ العزت جو قَسم! مان پنهنجي مرضيءَ سان ڪجھ نه ٿو ڳالهايان ايستائين جو مون کي چيو ويندو آهي: اي عبدُ القادر! توتي اسان جو حق آهي، ان حق جي ڪري ڪلام ڪيو! تنهنجي ڳالھ ٻڌي ويندي.([1])

 سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! پيارا اسلامي ڀائرو! ڇا ته شان آهي غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو...!! پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي بيان ۾ ڪيڏو اخلاص ۽ ڪيڏي لِلّٰهيت هئي، هڪ طرف وڏيون وڏيون علمي تحقيقون بيان ٿي رهيون آهن، ڪمال علمي نُڪتا بيان ڪيا پيا


 

 



[1] ...طلوعِ غوثِ اعظم، صفحہ:294بتغیر قلیل ۔