Ghous e Pak Kay Iman Afroz Bayanaat

Book Name:Ghous e Pak Kay Iman Afroz Bayanaat

نه هو ۽ شڪ جي ڪيفيت ۾ ڏينهن گذاري رهيو هيس) انهيءَ دوران هڪ ڏينهن حضور غوثِ اعظم شيخ عبدُ القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي مدرسي جي ويجهو کان گذر ٿيو، مون ٻڌي رکيو هو ته غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه دلين جون ڳالهيون ڄاڻي وٺندا آهن، بهرحال مان مدرسي ۾ داخل ٿيس، حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه بيان فرمائي رهيا هئا، مون کي ڏسندي ئي پاڻ پنهنجي بيان جو موضوع تبديل ڪيو ۽ اهو ئي مسئلو جيڪو مونکي سمجھ ۾ نه اچي رهيو هو، جنهن عقيدي جي متعلق مان شڪ ۾ مبتلا هيس، غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن ان مسئلي جو حل ٻڌائيندي فرمايو: اِعْتِقَادُنَا اِعْتِقَادُ السَّلْفِ الصَّالِحِ وَالصَّحَابَۃِ اسان اهو ئي عقيدو رکندا آهيون جيڪو اسان جي بزرگن جو ۽ صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جو هو (يعني عقائد جي معاملي ۾ اسان عقل جا گهوڙا ناهيون ڊوڙائيندا، بَس جيڪو الله ۽ ان جي رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائي ڇڏيو، اسان ان تي اکيون بند ڪندا آهيون، جيڪو عقيدو آئمّهءِ ڪرام جو هو، بزگانِ دين ۽ صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جو هو، اسان به اهو ئي عقيدو رکندا آهيون)

   ابوعماد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مون کي گمان ٿيو ته غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ايئن ئي اتفاقاً هي جملو فرمائي ڇڏيو آهي، کين منهنجي دل جو حال معلوم ناهي. غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ٻيهر منهنجي طرف متوجھ ٿيا ۽ هن ڀيري مون ڏي ڏسي ڪري فرمايو:  اِعْتِقَادُنَا اِعْتِقَادُ السَّلْفِ الصَّالِحِ و َ الصَّحَابۃِ اسان جو عقيدو اهو ئي آهي جيڪو بزرگانِ دين ۽ صحابهءِ ڪرام جو هو.

   ابوبڪر عماد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هاڻي به مون کي يقين نه آيو، مون خيال ڪيو ته بيان ڪرڻ وارا هيڏانهن هوڏانهن ڏسندا رهندا آهن، ان انداز ۾ سندن نظر مون تي پئجي وئي نه ته پاڻ منهنجي دل جو حال ڪٿي ڄاڻي سگهن ٿا. بهرحال حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ٽئين ڀيري منهنجي طرف متوجھ ٿيا ۽ منهنجو نالو وٺي ڪري فرمايو:  یَا اَبَابَکْرٍ اِعْتِقَادُنَا اِعْتِقَادُ السَّلْفِ الصَّالِحِ وَ الصَّحَابَۃِ اي ابو بڪر!