Ghous e Pak Kay Iman Afroz Bayanaat

Book Name:Ghous e Pak Kay Iman Afroz Bayanaat

اسان جو عقيدو اهو ئي آهي جيڪو بزرگانِ دين ۽ صحابهءِ ڪرام جو هو.

   هن ڀيري غوث پاڪ منهنجو نالو وٺي ڪري فرمايو، جنهن مان خبر پئجي رهي هئي ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  واقعي منهنجو شڪ دور فرمائي رهيا آهن ۽ مون کي ئي سيکاري رهيا آهن، البت غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان سان گڏ هڪ ٻيو دليل ڏنو، منهنجي دل جي هڪ ٻي پريشاني دور فرمائي، منهنجا والد صاحب ڪيئي ڏينهن کان گهر نه آيا هئا، دل پريشان هئي، بي چين هئي، حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه منهنجو نالو وٺي ڪري فرمايو: قُمْ قَدْ جَاءَ اَبُوْکَ اي ابوبڪر! اٿو...!!(وڃو! ڏسو...!!) اوهان جا والد صاحب گهر اچي چڪا آهن.

   (ڄڻ غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائي رهيا هئا، اي ابوبڪر! تون هي سمجهين ٿو ته مان اوهان جي دل جو حال نه ٿو ڄاڻان، مان ته اوهان جي دل جو به حال ڄاڻان ٿو ۽ اوهان جي گهر جي حالات کان به واقف آهيان) شيخ ابوبڪر عماد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هي فرمانِ عاليشان ٻڌندي ئي مان اٿي جلدي مان گهر پهتس، ڏٺم ته واقعي منهنجا والد صاحب گهر پهچي چڪا آهن. ([1])

جو کوئی تِیرہ  بخت یہاں ہو گیا ہے حاضر          روشن نصیبہ پا گیا بغداد والے مرشد([2])

وضاحت: جيڪو بدنصيب اوهان جي درٻار ۾ حاضر ٿيو اوهان ان جي نصيب کي چمڪائي ڇڏيو آهي.

   اي عاشقانِ رسول! ڏٺو اوهان! حضور غوثِ اعظم شيخ عبدُ القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جا بيانَ ڪهڙا انقلابي هوندا هئا، ماڻهو سندن بيان ٻڌي ڪري بيحد متاثر ٿيندا هئا، انهن جي دلين ۾ عشقِ مصطفٰي جا چراغ روشن ٿيندا، دلين ۾ خوفِ خدا پيدا ٿيندو هو، سندن بيان ٻڌي ڪري ماڻهو پنهنجي گناهن تي نادِم (يعني شرمنده) ٿيندا ۽ توبھ ڪري نيڪ انسانَ بڻجي ويندا هئا.


 

 



[1] ...سیر اعلام النبلاء، جلد:20، صفحہ:442۔

[2] ...وسائلِ بخشش، صفحہ:545۔