Ghous e Pak Kay Iman Afroz Bayanaat

Book Name:Ghous e Pak Kay Iman Afroz Bayanaat

واپس موٽايو! پنهنجي مالڪ ۽ مولا (يعني پياري ربِّ ڪريم) جي نافرماني کان واپس موٽي اچو...! الله ڪريم جي دروازي تي حاضر ٿي وڃو...! هتي ڪير به نه آهي، صرف الله خالق ۽ مالڪ آهي، جيڪڏهن توهان ان جي دروازي تي حاضر ٿيو ته ان جا ٻانها آهيو، جيڪڏهن توهان مخلوق ڏي متوجھ هجو (مثال طور مال ۽ دولت ڪمائڻ ۾ لڳل هجو ۽ ان وجھ سان الله پاڪ جي در تي حاضري نه ٿا ڏيو، الله پاڪ کي وساري ويٺا آهيو ته توهان الله پاڪ جي بندگي نه ڪري رهيا آهيو بلڪه) مخلوق جا ٻانها بڻيل آهيو.

    اي انسانو! سُستي نه ڪيو...! سُستي هميشه جي محرومي ۽ شرمندگيءَ جو سبب آهي.

پنهنجا اعمال چڱا ڪيو...! الله پاڪ دنيا ۽ آخرت ۾ توهان تي انعام فرمائيندو.

   حضور غوثِ اعظم شيخ عبدُ القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجو بيان جاري رکندي وڌيڪ فرمايو: قيامت جي ڏينهن انسان پنهنجي دنيا ۾ ڪيل چڱن بُرن عملن کي ياد ڪندو پر ان وقت شرمندگي ڪو فائدو نه ڏيندي، فائدو ته ان ۾ آهي ته موت کان پهريان قيامت کي ياد ڪيو...! جڏهن ماڻهو ميوو ڪٽي رهيا هجن، ان وقت ٻج پوکڻ جي وقت کي ياد ڪرڻ ڪو فائدو ناهي ڏيندو. دنيا آخرت جي ٻني آهي، جيڪو هتي ڀلائيءَ جو ٻج پوکيندو، قيامت جي ڏينهن خوشي خوشي ميوو حاصل  ڪندو ۽ دنيا ۾ بُرائي جو ٻج پوکيندو، قيامت جي ڏينهن شرمندو ٿيندو.([1])

  غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وڌيڪ فرمايو: (انسانو) جڏهن توهان کي موت ايندو، توهان خوابِ غفلت کان بيدار ٿي ويندؤ پر ان وقت بيدار ٿيڻ جو ڪو فائدو ناهي. اي انسان! بُرن ماڻهن جي صحبت توکي نيڪ ماڻهن کان بدگمان ڪري ڇڏيو آهي. الله پاڪ جي ڪتاب ۽ سنّتِ مصطفٰي جي روشنيءَ ۾ زندگي گذار!


 

 



[1] ...مسند شہاب، جلد:1، صفحہ:232، حدیث:364۔