Ghous e Pak Kay Iman Afroz Bayanaat

Book Name:Ghous e Pak Kay Iman Afroz Bayanaat

ڪاميابي تنهنجا جا قدم چمندي. الله پاڪ کان اهڙي حيا ڪر، جهڙي ان کان حيا ڪرڻ جو حق آهي. غفلت ۾ پنهنجو وقت ضايع نه ڪر...! تون اهو مال جمع ڪرڻ ۾ مصروف آهين، جيڪو توکي استعمال ناهي ڪرڻو، اهي خواب سجائيندو آهين، جنهن تائين پهچي نه سگهندي، اهي عمارتون بڻائيندو آهين جن ۾ توکي (هميشه) ناهي رهڻو ۽ هنن ڳالهين توکي الله پاڪ جي حضور حاضر ٿيڻ کان غافل ڪري ڇڏيو آهي.

   غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي بيان جو سلسلو  ويتر اڳتي وڌائيندي فرمايو: هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته تمام ڀلائي الله پاڪ وٽ آهي ۽ تمام برائي غَيرُ الله (يعني الله پاڪ جي دشمنن) وٽ آهي. ڀلائي انهيءَ ۾ آهي ته الله پاڪ جي حضور حاضر ٿي وڃو...! الله پاڪ جي عزت واري دروازي کان پَري ڀڄڻ ۾ صرف بُرائي آهي.

   اي انسانو! توهان تي لازم آهي ته (1): موت کي ياد ڪيو! (2): مصيبت تي صبر ڪيو! (3): ۽ هر حال ۾ الله پاڪ تي ڀروسو ڪيو...! جڏهن هي ٽئي وصفَ توهان جي اندر پوري طرح پيدا ٿي ويندا ته توهان کي موت هن حال ۾ ايندو جو موت کي ياد ڪرڻ جي سبب توهان زاهد بڻجي چڪا هوندا، صبر جي ذريعي توهان الله پاڪ جي بارگاھ مان مَن پسند انعامَ ماڻيندا ۽ تَوَڪُّل جي ذريعي الله پاڪ سان توهان جو تعلق مضبوط ٿي ويندو.([1])

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

   پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جا پير، پيرن جا پير، پير دستگير حضور غوثِ اعظم شيخ عبدُ القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪيتري پياري انداز ۾ توبھ جي ترغيب ڏياري آهي، هاڻ هي ساھ هلي رهيا آهن، هاءِ! خبر ناهي ڪڏهن هي ساھَ


 

 



[1] ...الفتح الربانی، المجلس الرابع، صفحہ:31-32-33خلاصۃً ۔