Ghous e Pak Kay Iman Afroz Bayanaat

Book Name:Ghous e Pak Kay Iman Afroz Bayanaat

ڳالھ ارشاد فرمائي، سون جي پاڻيءَ سان لکڻ جي جهڙو جملو آهي، يقين ڪيو! جيڪڏهن اسان غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو هي هڪ جملو پنهنجي زندگيءَ ۾ شامل ڪيون، ان تي پوريءَ طرح عمل ڪيون ته اسان جي دنيا به موچاري ٿي ويندي، ۽ آخرت پڻ موچاري ٿي ويندي.

   جملو ڪهڙو آهي؟  غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن فرمايو: اي انسانو! الله پاڪ جي لاءِ اهڙا ٿي وڃو! جيئن بزرگانِ دين هئا، الله پاڪ توهان تي اهڙيون ڪرم نوازيون فرمائيندو، جهڙيون توهان جي بزرگن تي فرمائيندو هو.([1])

   سبحان الله! ڇا ته زبردست مدني گل آهي...!! اڄ ماڻهن کي پريشاني ٿيندي آهي، دل ۾ وسوسا ايندا آهن، اسان دعائون گهرندا آهيون، پوريون ناهن ٿينديون، محنت ڪندا آهيون، ضايع ويندي آهي، سون کي هٿ لڳايون ته مٽي ٿي ويندي آهي، آخر معاملو ڇا آهي؟ ابرهه نالي بادشاھ ڪعبي شريف تي حملو ڪري ته الله پاڪ ننڍن ننڍن پکين جي ذريعي ان جي هاٿين تي سوار فوج کي شڪست ڏئي ڇڏيندو آهي، ميدانِ بدر ۾ مدد جي لاءِ فرشتا نازل ٿيندا آهن، اڄ مسلمان پِيسجي رهيا آهن، مسلمانن تي ظلم ۽ سِتم ڪيا پيا وڃن، آخر اڄ مدد ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟ حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تمام سادو جواب ڏنو، فرمايائون: اهي جن جي غيب مان مدد ڪئي ويندي هئي، جن تي الله پاڪ جون رحمتون ڇماڇم وسنديون هيون، جيڪي مٽيءَ کي هٿ لڳائيندا هئا ته سون بڻجي ويندي هئي، توهان به پنهنجا اخلاق. پنهنجا ڪردار، پنهنجا اعمال انهن جهڙا ڪيو! اهي پنج ئي نمازون جماعت سان پڙهندا هئا، توهان به پڙهندا ڪيو! اهي تهجد، اشراق، چاشت ۽ اوّابين جا نفلَ پابنديءَ سان ادا ڪندا هئا، توهان به ادا ڪندا ڪيو! الله پاڪ جا نيڪ ٻانها قرآنِ پاڪ جي تلاوت ڪندا هئا، توهان به ڪندا ڪيو! اهي الله جي رضا جا طلبگار هئا، توهان به رهندا ڪيو! اهي دنيا


 

 



[1] ...الفتح الربانی، المجلس  الاول، صفحہ:15 ۔