Ghous e Pak Kay Iman Afroz Bayanaat

Book Name:Ghous e Pak Kay Iman Afroz Bayanaat

گهر ۾ داخل ٿيو ، ان پوري گهر جي تلاشي ورتي، سواءِ هڪ ٿانوَ جي ڪا شيءِ نه ملي، واپسي جو ارادو ڪيائين، حضرت رابعه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْها فرمايو: جيڪڏهن هوشيار چور آهين ته ڪجھ نه ڪجھ کڻي ويندي. چيائين: مون کي ته هتي ڪجھ مليو ئي نه. فرمايائون: اي غريب شخص! ٿانوَ مان وضو ڪر ۽ ڪمري ۾ وڃي ڪري 2 رڪعتون نماز پڙھ، اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! ڪجھ نه ڪجھ کڻي ڪري ئي ويندي. ان ايئن ئي ڪيو، هوڏانهن حضرت رابعه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْها جن دعا ڪئي: اي مالڪِ ڪريم! هي منهنجي گهر آيو ان کي ڪجھ نه مليو، مون تنهنجي بارگاھ ۾ بيهاري ڇڏيو آهي، ان کي پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان محروم نه ڪجانءِ. هيڏانهن چور کي نماز ۾ لذّت آئي، لهٰذا سڄي رات نمازون ئي پڙهندو رهيو، سحري جي وقت حضرت رابعه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْها ڪمري ۾ آيون، چور ان وقت سجدي جي حالت ۾ پنهنجي رب کي چئي رهيو هو: منهنجو رب مون کان پڇندو ته توکي نافرماني ڪندي حيا نه آئي؟ دنيا وارن کان لِڪي ڪري گناھ ڪندو رهين، هاڻي منهنجي بارگاھ ۾ گناھن جي ڀري کڻي آيو آهين! هاءِ! الله پاڪ مون تي غضب فرمائيندو، مون کي رحمت کان پري ڪري ڇڏيندو ته ان وقت مان ڪهڙو جواب ڏيندُس...؟ حضرت رابعه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْها پڇيو: ڀاءَ رات ڪيئن گذري؟ چيائين: خير سان، مان عاجزيءَ سان پنهنجي مالڪ ۽ مولا جي بارگاھ ۾ بيٺو رهيس، رب ڪريم مون کي درست فرمائي ڇڏيو، منهنجو عذر قبول ڪيو ۽ مون کي منهنجي مقصد تائين پهچائي ڇڏيائين. پوءِ اهو چهري تي حيراني ۽ پريشاني جا آثار کڻي هليو ويو. حضرت رابعه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْها هٿ کنيا، الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو: اي منهنجا مالڪ! هي هڪ رات تنهنجي بارگاھ ۾ حاضر ٿيو، تو ان کي قبول فرمائي ورتو، مان ڪيتري عرصي کان تنهنجي بارگاھ ۾ بيٺي آهيان، ڇا مون کي به قبول ڪيو ويو؟ آواز آيو: رابعه! اسان تنهنجي