Ghous e Pak Kay Iman Afroz Bayanaat

Book Name:Ghous e Pak Kay Iman Afroz Bayanaat

پائڻ مڪروھ آهي ۽ زينت مقصود نه هجي ته ڪراهت ناهي، سرمو رات جو سمهڻ وقت استعمال ڪرڻ سنّت آهي * سرمو استعمال ڪرڻ جي ٽن منقول طريقن جو خلاصو پيشِ خدمت آهي: (1): ڪڏهن ٻنهي اکين ۾ ٽي ٽي سرايون (2): ڪڏهن ساڄي اک ۾ ٽي سرايون ۽ کاٻي اک ۾ 2 (3) ته ڪڏهن ٻنهي اکين ۾ ٻه ٻه ۽ پوءِ آخر ۾ هڪ سرائي کي سرمي واري ڪري ان کي ئي واري واري سان اکين ۾ لڳايو اهڙيءَ طرح ڪرڻ سان اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! ٽنهي طريقن تي عمل ٿيندو رهندو.

  اي عاشقانِ رسول! ادب ۽ تعظيم جا جيترا به ڪم آهن سڀ اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ساڄي پاسي کان شروع ڪندا آهن، تنهنڪري پهريان ساڄي اک ۾ سرمو لڳايو پوءِ کاٻي ۾.([1])

عجب نہیں کہ لکھا لوح کا نظر آئے!             جو نقشِ پا کا لگاؤں غبار آنکھوں میں

   مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحات جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو، سنّتن سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنّتن ڀريو سَفر به آهي.

اُلفتِ مصطفےٰ اور خوفِ خُدا                    چاہئے گر تمہیں قافلے میں چلو

عِلْم حاصِل کرو، جَہْل زائِل کرو                 پاؤ گے راحتیں قافلے میں چلو

   الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.  اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم


 

 



[1]...550سنتیں اور آداب، صفحہ:38۔