Ghous e Pak Kay Iman Afroz Bayanaat

Book Name:Ghous e Pak Kay Iman Afroz Bayanaat

طاقتون ڪم ڪنديون آهن([1]) ۽ انهن عضون ۾ هڪ اک به آهي، ظاهري طور ڏسڻ ۾ ان جي اک عام ماڻهن جي اک جيان هوندي آهي پر اهو ربِّ ڪريم جي نور سان ڏسندو آهي. ٿورو اندازو لڳايو! اسان جهڙن عام ماڻهن جي اک جو ڪيڏو ڪمال آهي، اسان اک کڻون ته اسان جي نظر گهڙي کن ۾ آسمان تائين پهچي ويندي آهي ته غور فرمايو! الله پاڪ جا محبوب ٻانها، ان جا اولياءِ ڪاملين جيڪي اک جي پتلي سان نه بلڪه رب جي ڏنل نور سان، الله پاڪ جي عطا ڪيل طاقت سان ڏسندا آهن، جڏهن اهي اک کڻندا ته انهن جي نگاھ ڪيستائين ويندي؟ اسان جي نگاھ اک ڇنبڻ جي دير ۾ آسمان تائين پهچي ويندي آهي ته يقيناً جيڪو خدا جي نور سان، ربِّ ڪريم جي عطا ڪيل خاص طاقت سان ڏسي، ان جي نگاھ صرف آسمان تائين ناهي رڪبي بلڪه آسمان مان پار لوحِ محفوظ تائين به پهچي ويندي آهي. ترمذي شريف جي حديثِ پاڪ آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اِتّقُوْا فِرَاسَۃَ الْمُؤْمِنِ فَاِنَّہٗ یَنْظُرُ بِنُوْرِ اللہ مؤمن جي فراست کان بچو جو مؤمن ٻانهو الله پاڪ جي نور سان ڏسندو آهي.([2])

ادھر بھی نِگاہِ کرم غوثِ اعظم                 کرو دُوْر رَنج و اَلَم غوثِ اعظم

ہے گردن میں تیری غُلامی کا پٹہ                تجھی سے ہے میرا بھرم غوثِ اعظم

ترا ہوں میں تیرا، مرے اس کہے کا            سرِ حشر رکھنا بھرم غوثِ اعظم

   بهرحال! اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهم کي به علمِ غيب ڏنو ويندو آهي، حضور غوثِ اعظم شيخ عبدُ القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي به غيب جو علم عطا ڪيو ويو هو، ان ڪري پاڻ هڪ هفتو پهريان ئي ڄاڻي ورتو ته اسان جو شاگرد هڪ


 

 



[1] ...مرآۃ المناجیح، جلد:3، صفحہ:361۔

[2] ...ترمذی، کتاب  تفسیر القرآن، باب ومن سورۃ الحجر، صفحہ:723، حدیث:3127۔