Ghous e Pak Kay Iman Afroz Bayanaat

Book Name:Ghous e Pak Kay Iman Afroz Bayanaat

پيش اچي، ان کي پنهنجو پٽ سمجهي ۽ جيئن پنهنجو پٽ ڪافر جي قيد ۾ هجي ۽ خطرو هجي ته ڪافر منهنجي پٽ کي قتل ڪري ڇڏيندا، جهڙي محنت پنهنجي پٽ کي ڇڏائڻ جي لاءِ ڪندو، اهڙي ئي محنت، ۽ شوق سان پنهنجي شاگرد کي جهالت جي اونداهي مان ڪڍڻ جي ڪوشس ڪري.

   اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جا ڪيئي تعليمي ادارا آهن، مدرسةُ المدينه ۾ حفظ ۽ ناظره جي تعليم ڏني ويندي آهي، جامعةُ المدينه ۾ درسِ نظامي (يعني عالِم ڪورس) ڪَرايو ويندو آهي، اهڙيءَ طرح دارُ المدينه اسلامڪ اسڪول سسٽم به آهي، الله پاڪ جو فضل آهي، دعوتِ اسلامي جي انهن ادارن ۾ اهڙا استاد به آهن، جيڪي تهجد جي وقت اٿي ڪري ربِّ ڪريم جي بارگاھ ۾ ٻاڏائي ڪري پنهنجي شاگردن جي لاءِ ڀلائي گهرندا آهن، ڪو طالبِ علم ڪمزور ذهن جو آهي، پڙهائي ۾ ڪمزور آهي، ان جي ڪاميابي جي لاءِ دعائون ڪندا آهن، اهڙا به استاد آهن، جن کي پنهنجي پوري ڪلاس جا نالا  ياد آهن ۽ اهي نالو وٺي ڪري بارگاھِ الاهي ۾ انهن جي لاءِ دعا ڪندا آهن، شاگردن کي اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي ذريعي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو غلام بڻائيندا آهن، شاگردن کي ترغيب ڏياري ڪري 12 ديني ڪمن جي ذريعي اصلاحِ امّت جي عظيم ڪم تي لڳائيندا آهن، الله پاڪ انهن محترم استادن جي پنهنجي شاگردن سان هن خيرخواهي کي قبول فرمائي.

   ياد رهي! حضور غوثِ اعظم شيخ عبدُ القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو هي فرمان صرف استادن جي لاءِ ناهي، پاڻ فرمايائون: ڪامِل عارف سموري مخلوق کي (سڄي دنيا جي ماڻهن) کي نفس ۽ شيطان جي هٿان ڇڏائڻ جي لاءِ ڪوشش ڪندو رهندو آهي.