Reham Dili Kesay Mili

Book Name:Reham Dili Kesay Mili

وصفن مان آهي. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

وَ مَا  لَکُمۡ   اَلَّا تُنۡفِقُوۡا فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ وَ لِلّٰہِ مِیۡرَاثُ السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضِ ؕ  (سيپارو: 27، سورة حديد: آيت: 10)

ترجمو ڪنزالعرفان:۽ توهان کي ڇا (ٿيو) آهي جو توهان الله جي راھ ۾ خرچ نه ٿا ڪريو حالانڪه آسمانن ۽ زمين سڀ جو وارث الله ئي آهي.

   هن آيت جي تحت تفسير صراطُ الجنان ۾ آهي: توهان ڪهڙي سبب جي ڪري الله پاڪ جي راھ ۾ خرچ نه ڪري رهيا آهيو حالانڪه آسمانن ۽ زمين سڀني جو مالڪ الله پاڪ ئي آهي هو ئي هميشه رهڻ وارو آهي جڏهن توهان هلاڪ ٿي ويندؤ ۽ توهان جا مالَ انهيءَ جي ملڪِيت ۾ رهجي ويندا ۽ توهان کي خرچ نه ڪرڻ جي صورت ۾ ثواب به نه ملندو، توهان جي لاءِ بهتر هي آهي ته توهان پنهنجو مال الله پاڪ جي راھ ۾ خرچ ڪري ڇڏيو ته جيئن ان جي بدلي ثواب ته ماڻي سگهو. ([1])

خبر پئي، خدا جي راھ ۾ خرچ ڪرڻ ۾ اسان ئي جو فائدو آهي. اسان جيڪر دين جي مالي خدمت ترڪ ڪري ڇڏينداسين ته مسجدون ڪيئن ٺهنديون؟ لکين حافظ ڪيئن تيار ٿيندا؟ هزارين عالم، 80 کان وڌيڪ ديني شعبا ڪيئن ڪم ڪري سگهندا؟ الحمدلله! دعوت اسلامي دين جي خدمت ڪري رهي آهي، دعوتِ اسلامي مسجد بڻايو تحريڪ به آهي، دعوتِ اسلامي مسجد ڀريو تحريڪ به آهي ۽ الله پاڪ جي فضل سان دعوتِ اسلامي ايمان بچايو تحريڪ به آهي. دعوت اسلامي اسان جي نسلن کي بچائي رهي آهي، دعوت اسلامي اسان جي ايمان جي حفاظت ڪري رهي آهي. گهر گهر ۾ نيڪي جي دعوت پهچائي ڪري گهر امن جو گهوارو بڻائي رهي آهي. اسان دعوت اسلامي جو ساٿ ڏينداسين ته اِنْ شآءَ اللہ الْکَرِیْم ! هن جو فائدو اسان کي،


 

 



[1]...تفسیر صراط الجنان، پارہ:27، سورۂ حدید، زیرِ آیت:10، جلد:9، صفحہ:721۔