Dost Kaise Banaye

Book Name:Dost Kaise Banaye

هڪ دوست آهي جيڪو قيامت جي ڏينهن به ساٿ نڀائيندو، اهو ڪهڙو دوست آهي؟ الله پاڪ قرآن ڪريم  ۾ فرمائي ٿو:

اَلۡاَخِلَّآءُ  یَوۡمَئِذٍۭ بَعۡضُہُمۡ لِبَعۡضٍ عَدُوٌّ  اِلَّا الۡمُتَّقِیۡنَ (ؕ۶۷)  (پارہ:25،سورۂ زخرف:67)

ترجموڪنزالعرفان: ان ڏينهن گهاٽا دوست هڪٻئي جا دشمن ٿي ويندا سواءِ پرهيزگارن جي.

     تفسير صراط الجنان ۾ هن آ يت جي حوالي سان لکيل آهي: ”دنيا ۾ جيڪا دوستي ڪفر ۽ گناھ جي ڪري هئي اها قيامت جي ڏينهن دشمني ۾ بدلجي ويندي پر ديني دوستي ۽ اها محبت جيڪا الله پاڪ جي لاءِ هئي اها دشمني ۾ تبديل نه ٿيندي بلڪ باقي رهندي. ([1])  

  مسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت علي المرتضي رَضِىَ اللهُ عَنْه کان هن آيت جي تفسير ۾ مروي آهي، پاڻ فرمائن ٿا: 2 دوست مومن آهن ۽ 2 ڪافر. مومن دوستن ۾ هڪڙو مري ويندو آهي ته اهو الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪندو آهي ته ياالله پاڪ! فلاڻي مون کي تنهنجي ۽ تنهنجي رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي فرمانبرداري ڪرڻ جو ۽ نيڪي ڪرڻ جو حڪم ڪندو هو ۽ مون کي برائي کان روڪيندو هيو ۽ هي خبر ڏيندو هيو ته مون کي تنهنجي بارگاھ ۾ حاضر ٿيڻو آهي، ياالله پاڪ! هن کي مون کان پوءِ گمراھ نه ڪجان ۽ هن کي اهڙي هدايت ڏي جھڙي هدايت مون کي عطا فرمائي ۽ ان جي اهڙي عزت رکجان جهڙي منهنجي عزت رکي، جڏهن هن جو مومن دوست مري ويندو آهي ته الله پاڪ ٻنهي کي جمع ڪندو آهي ۽ فرمائيندو آهي ته توهان مان هر هڪ ٻي جي تعريف ڪري ته هر هڪ چوندو آهي ته هي سٺو دوست آهي سٺو ساٿي آهي، سٺو رفيق آهي. 2 ڪافر دوستن مان  هڪ جڏهن مري ويندو آهي ته دعا ڪندو


 

 



[1]... تفسیرکبیر،پارہ:25،سورۂ زخرف،زیرِ آیت:67 ،جلد:9، صفحہ:641 ملتقطاً ۔