Dost Kaise Banaye

Book Name:Dost Kaise Banaye

هي به نعمت آهي، امتحان ۾ پاس ٿيا هي به نعمت آهي، پٽ يا ڌيءَ جي ولادت ٿي، نماز جي توفيق ملي، روزو رکڻ جي سعادت ملي، صدقو ڏنو وغيره ڪا به نعمت ملي ته هاڻ ان نعمت تي نگاهه نه رکي بلڪه سوچي الله پاڪ هي نعمت عطا ڪئي، نعمت جي نسبت پنهنجي طرف نه، بلڪه الله پاڪ ڏانهن ڪري * امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  فرمائن ٿا: نعمت سان گڏ نيڪي جو ارادو ڪرڻ دل جو شڪر آهي. زبان سان الله پاڪ جو حمد و ثنا ڪرڻ زبان جو شڪر آهي. الله ڪريم جي ڏنل نعمت کي عبادت ۾ خرچ ڪرڻ ، ان جي گناهه ۾ استعمال ٿيڻ کان بچائڻ باقي اعضاء جو شڪر آهي. ([1])

مختلف سنتون سکڻ لاءِ مڪتبة المدينه جي بهارِ شريعت جلد:3 مان حصو 16 ۽ شيخِ طريقت  امير اهل سنّت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه جو 91 صفحن جو رسالو 550 سنتو ۽ آداب وٺو ۽ پڙهو. سنتن سکڻ جو هڪ ذريعو دعوتِ اسلامي جي قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر به آهي.

الفتِ مصطفےٰ اور خوفِ خدا                               چاہئے گر تمہیں قافلے میں چلو

گر مدینے کا غم چاہئے چشمِ نَم                            لینے یہ نعمتیں  قافلے میں چلو

الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.  آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ .


 

 



[1]...اِحْیَاءُ العلوم، کتابُ الصَبْر والشکر، جلد:4، صفحہ:103، خلاصۃً۔