Farishta Sifat kaise Banein

Book Name:Farishta Sifat kaise Banein

روزانو 12 هزار تسبيحون پڙهندو (يعني الله پاڪ جي پاڪائي بيان ڪندو) آهي، ان ملائڪ جي هر تسبيح مان هڪ ملائڪ پيدا ٿيندو آهي. )تفسیرِ طبری،پارہ:30،سورۂ نباء،زیرِ آیت:38 ،جلد:12 ،صفحہ:415 ملتقطًا(۔ * حديث شريف ۾ آهي: جنّت ۾ هڪ نهر آهي، حضرت جبريلِ امين عَلَيهِ السَّلَام روزانو ان نهر (Canal) ۾ ويندا آهن، پوءِ ٻاهر اچي ڪري پَرَ ڇنڊيندا آهن ته هر قطري مان هڪ ملائڪ  پيدا ٿيندو آهي. )مسندِ فردوس،جلد:5 ،صفحہ:486 ،حدیث:8842۔ ( * ايئن ئي ٻانهن جي نيڪ اعمال مان به ملائڪ  پيدا ٿيندا آهن، شيخ مُحيُ الدّين ابنِ عربي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هر چڱو ڪلام ۽ چڱو ڪم ملائڪ بڻجي ڪري آسمان جي طرف بلند ٿي ويندو آهي. )الیواقیت و الجواہر،المبحث  التاسع عشر فی الکلام …الخ،جز:1 ،صفحہ:151(۔ * حديث پاڪ ۾ آهي: پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جيڪو ٻانهو منهنجي تعظيم جي لاءِ درودِ پاڪ پڙهندو آهي ته الله پاڪ ان درودِ پاڪ مان هڪ ملائڪ پيدا فرمائيندو آهي، ان جو هڪ پَر مشرق (East) ۾ ۽ ٻيو پَر مغرب (West) ۾ هوندو آهي، ان ملائڪ کي حڪم ٿيندو آهي: جيئن ٻانهي منهنجي نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي درود پڙهيو، تون ان ٻانهي تي درود موڪل، بَس اهو ملائڪ قيامت تائين ان ٻانهي تي درود موڪليندو رهندو آهي. )اَلْقَوْلُ الْبَدِ یع، صفحہ:121۔( * علّامه قرطبي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جيڪو شخص سورة بقره ۽ سورة آلِ عمران پڙهندو آهي ته الله پاڪ ان جي ثواب مان ملائڪ بڻائيندو آهي، جيڪي قيامت جي ڏينهن ان تلاوت ڪرڻ واري جي شفاعت ڪندا. )التذکرہ للقرطبی،صفحہ:317۔ (

   معلوم ٿيو: انسانن جا نيڪ ڪمَ، نيڪ گفتگو، درود شريف پڙهڻ ۽ تلاوت ڪرڻ سان ملائڪ پيدا ٿيندا آهن. ڪاش! اسان ڪثرت سان تلاوت ڪرڻ وارا، ڪثرت سان درود شريف پڙهڻ، صرف ۽ صرف چڱيون ڳالهيون ڪرڻ ۽ نيڪ