Farishta Sifat kaise Banein

Book Name:Farishta Sifat kaise Banein

پڙهندا آهن، هاڻي هي ته 70 هزار آهن، باقي ملائڪ ڇا ڪندا آهن؟ اهي به نماز پڙهندا آهن. هڪ ڀيري مسلمانن جا ٻيا خليفا حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيا ۽ هڪ منافق جي نماز نه پڙهڻ جي شڪايت (Complaint) ڪئي، ان تي رسولِ اڪرم، نورِ مُجسّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ستن آسمانن ۾ بيشمار ملائڪ آهن جيڪي نماز پڙهندا آهن، لهٰذا الله پاڪ کي فلاڻي منافق جي نمازن جي ڪا پرواھ ناهي. حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه عرض ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! ملائڪن جي نماز ڪيئن آهي؟ ان تي رسولِ خدا، احمدِ مجتبٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خاموشي اختيار فرمائي، ڪجھ دير کان بعد حضرت جبرائيلِ امين عَلَيهِ السَّلَام حاضر ٿيا ۽ عرض ڪيائون: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! عُمرَ کي منهنجو سلام چئو ۽ انهن کي ٻڌايو ته پهرين آسمان جا ملائڪ سجدي ۾ آهن ۽ قيامت تائين سجدي ۾ ئي رهندا، ٻئي آسمان وارا ملائڪ  رڪوع ۾ آهن ۽ قيامت تائين رڪوع ۾ ئي رهندا، ٽئين آسمان وارا ملائڪ قيام ۾ آهن ۽ قيامت تائين قيام ۾ ئي رهندا. )تنبيه الغافلين،باب الصلوات الخمس، صفحہ:159 ملتقطًا۔ (

  فقيه ابو الليث سمرقندي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: الله پاڪ 7 آسمان پيدا فرمايا، جيڪي ملائڪن سان ڀَريل آهن، هي ملائڪ نماز پڙهندا آهن ۽ گهڙي کَن جي لاءِ به سُستي ناهن ڪندا، هر آسمان جي ملائڪن جي عبادت مختلف آهي، هڪ آسمان جا ملائڪ قيام ۾ آهن، هڪ آسمان جا ملائڪ سجدي ۾ آهن ۽ عرش کڻڻ وارا ملائڪ الله پاڪ جي حمد ۽ ثناء (Praise) ۾ مصروف آهن. وڌيڪ فرمائن ٿا: اسان مسلمانن تي، اسان غلامانِ مصطفٰي تي الله پاڪ ڪرم فرمايو جو ملائڪن جي انهن مختلف قِسم جي عبادتن کي اسان جي نماز ۾ جمع فرمائي ڇڏيو.

)تنبيه الغافلين،باب الصلوات الخمس، صفحہ:159 ملتقطًا۔(