Farishta Sifat kaise Banein

Book Name:Farishta Sifat kaise Banein

ننهن تي شيطان ويهندو آهي.  )مسند فردوس، جلد:3، صفحہ:205، حدیث:4579۔(

   اي عاشقانِ رسول! * جمعي جي ڏينهن ننهن ڪٽڻ مستحب آهي، ها جيڪڏهن وڏا ٿي ويا هجن ته جمعي جو انتظار نه ڪيو * روايت ۾ هٿن جي ننهن ڪٽڻ جو جيڪو طريقو بيان  ٿيو آهي ان جو خلاصو پيشِ خدمت آهي: پهريان ساڄي هٿ جي شهادت واري آڱر کان شروع ڪري ترتيبوار چيچ سميت ننهن ڪٽيا وڃن پر آڱوٺو ڇڏيو وڃي، هاڻي کاٻي هٿ جي چيچ کان شروع ڪري ترتيبوار آڱوٺي سميت ننهن ڪٽيو، پوءِ هاڻي آخر ۾ سڄي هٿ جي آڱوٺي جو ننهن ڪٽيو وڃي * پيرن جي ننهن ڪٽڻ جي ڪا ترتيب منقول ناهي، بهتر اهو آهي ته ساڄي پير جي چيچ کان شروع ڪري ترتيبوار آڱوٺي سميت ننهن ڪٽيو پوءِ کاٻي پير جي آڱوٺي کان شروع ڪري چيچ سميت ننهن ڪٽيو. * جنابت جي حالت (يعني غسل فرض ٿيڻ جي صورت ۾) ننهن ڪٽڻ مڪروھِ (تنزيهي) آهي. * ڏند سان ننهن ڪٽڻ مڪروھِ (تنزيهي) ۽ ان سان برص (يعني ڪوڙھ) جي بيماري ٿيڻ جو انديشو آهي. * ننهن ڪٽڻ کان پوءِ انهن کي دفن ڪري ڇڏيو ۽ جيڪڏهن اڇلائي ڇڏيو تڏهن به حرج ناهي * ڪٽيل ننهن بيتُ الخلا يا غسل خاني ۾ اڇلائڻ مڪروھِ (تنزيهي) آهن. جو ان سان بيماري پيدا ٿئي ٿي. * اربع جي ڏينهن ننهن نه ڪٽڻ گهرجن، ڇو ته ڪوڙھ (Vitiligo) جي بيماري ٿيڻ جو انديشو آهي البت جيڪڏهن 39 ڏينهن کان نه ڪٽيا هئا، اڄ اربع   40هون ڏينهن آهي جيڪڏهن اڄ نه ڪٽيا ته 40 ڏينهن کان وڌيڪ ٿي ويندا ۽ سڀاڻي 41 هون ڏينهن شروع ٿي ويندو ته ان تي واجب آهي ته اڄ جي ئي ڏينهن ڪٽي ان ڪري جو 40 ڏينهن کان وڌيڪ ننهن رکڻ ناجائز ۽ مڪروھِ تحريمي آهي. * ڊگها ننهن شيطان جي نشست گاھ آهن يعني انهن تي شيطان ويهندو آهي. * رات جو ننهن ڪٽڻ ۾ حرج ناهي.   )550 سنتیں اور آداب، صفحہ:50-51۔ (