Shan e Iman e Siddique

Book Name:Shan e Iman e Siddique

ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو آهي، يا ماڻهن کان ٻڌي ڪري چئي رهيو آهي ته ماکي مِٺي هوندي آهي. هڪ ٻيو شخص آهي، ان ماکي پاڻ کاڌي آهي، اهو به چئي ٿو: ماکي مِٺي هوندي آهي. هاڻي ڳالھ ٻنهي جي سچي آهي، ماکي واقعي مٺي هوندي آهي پر ٻنهي جي ڳالھ ۾ فرق آهي، پهريون شخص صرف ٻڌل ٻڌايل ڳالھ چئي رهيو آهي، ٻيو شخص پنهنجو تجربو ٻڌائي رهيو آهي، ٻنهي جي خود اعتمادي ۾، ٻنهي جي سچ چوڻ ۾ وڏو فرق آهي.

   قربان وڃو! اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صرف فرمان جو عالَم هي آهي ته جيڪا ڳالھ مصطفٰي جي زبان مان نڪري وڃي، اها پٿر تي لڪير هوندي آهي، دنيا هيڏانهن کان هوڏانهن ٿي سگهي ٿي، زمين مٿي، آسمان هيٺ ٿي سگهي ٿو پر مُحَمَّدٌ رَّسُولُ اللہ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان بدلجي نه ٿو سگهي، بلڪه اسان جي آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو شان ته هي آهي جو

تمہارے مُنہ سے جو نکلی وہ بات ہو کے رہی        جو دِن کو کہہ دیا شب تو رات ہو کے رہی

اي عاشقانِ رسول! هاڻي اندازو لڳايو! جن جي فرمانِ عاليشان جو هي عالَم هجي جو ان ۾ شڪ ۽ شبهي جي هڪ فيصد به گنجائش نه هجي، انهن جي تجربي جو عالَم ڇا هوندو.

   هاڻي ٻڌو!اسان جي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جيڪو فرمايو: لَوْ وُزِنَ اِیْمَان اَبِیْ بَکْرٍ مَعَ اِیْمَانِ اَہْلِ الْاَرْضِ لَرَجَحَ (جيڪڏهن ابوبڪر جو ايمان تمام زمين وارن جي ايمان سان توريو وڃي ته ابوبڪر جو ايمان وزندار ٿيندو.)[1] هي ڳالھ سرورِ عالَم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن صرف پنهنجي علم سان ناهي چئي، باقاعدا ان جو تجربو به ڪيو ويو آهي، جي ها! حديثِ پاڪ ٻڌو! الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي، مڪي مدني، محمدِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مون ڏٺو ته


 

 



[1] الكامل فی الضعفاءالرجال،جلد:5،صفحہ:214، رقم:1015۔