Shan e Iman e Siddique

Book Name:Shan e Iman e Siddique

قميص گوڏن تائين هئي، اهي وڌيڪ ڪامل ايمان وارا، جن جي اڌ پِنيءَ تائين هئي، انهن جو ايمان پهرين کان وڌيڪ مضبوط ۽ انهن ڏيکاريل ماڻهن مان سڀني کان مضبوط ۽ ڪامل ۽ اڪمل ايمان وارا حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه هئا، جو انهن جي قميص پيرن جي هيٺ تائين گهلجي رهي هئي.

  سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! ان خواب ۽ نبوي تعبير مان خبر پئي ته حضرت عمر فاروقِ اعظم نهايت ئي ڪامِل ايمان وارا ۽ مضبوط دين وارا آهن.

پيارا اسلامي ڀائرو! هي ڪامل ايمان ۽ مضبوط دين واري شخصيت يعني حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه پنهنجي پيشوا ۽ امام يعني حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جي باري ۾ ڇا ٿا فرمائن؟ ٻڌو! روايتن ۾ اچي ٿو: مسلمانن جا ٻيا خليفا حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايو: لَوْ وُزِنَ اِیْمَانُ اَبِی بَکْرٍ بِاِیْمَانِ اَہْلِ الْاَرْضِ لَرَجَحَ بِہِمْ جيڪڏهن ابوبڪر جو ايمان تمام زمين وارن جي ايمان سان توريو وڃي ته ابوبڪر جو ايمان سڀني زمين وارن جي ايمان کان وڌي ويندو[1] پوءِ فرمايائون: وَدِتُّ اَنِّی شَعْرَۃٌ فِیْ صَدْرِ اَبِیْ بَکْرٍ منهنجي خواهش آهي ته ڪاش! مان ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جي سيني جو وارُ هجان ها. [2]

 الله اڪبر! اي عاشقانِ رسول! ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جي ايمان جو شان ڏسو! امّت ۾ نهايت ڪامل ايمان واري، نهايت مضبوط دين واري شخصيت حضرت عمر فاروق رَضِىَ اللهُ عَنْه سندن سيني جو هڪ وار هجڻ جي خواهش ڪري رهيا آهن، هاڻي غور فرمايو! اسان جهڙن گنھگارن جي ايمان جو جنابِ صِدّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جي ايمان سان ڪهڙو مقابلو ٿيندو...!!

مصطفیٰ کے ہمسفر !ابوبکر ابوبکر                           گلی گلی نگر نگر !ابوبکر ابوبکر

لٹایا جس نے اپنا گھر   !ابوبکر ابوبکر                         احسان جس کا دین پر   !ابوبکر  ابوبکر

ہیں چرچے جس کے عرش پر!ابوبکر ابوبکر                              لگے گا نعرہ فرش پر!ابوبکر ابوبکر


 

 



[1] فضائل الصحابہ لاحمد بن احنبل،صفحہ:418،حدیث:653۔

[2] موسوعہ ابن ابی الدنیا،کتاب ُالْمُتَمَنِّین ،جلد:2،صفحہ:551۔