Shan e Iman e Siddique

Book Name:Shan e Iman e Siddique

يعني اسان هن ڪم (يعني سواريءَ) جي لاءِ ناهيون بڻايون ويون، اِنَّمَا خُلِقْنَا لِلْحَرْثِ اسان کي ته الله پاڪ ٻني ٻاري جي لاءِ پيدا ڪيو آهي.

   (هاڻي ڍڳي، بي زبان جانور عربي زبان ۾ ڪلام ڪري، تعجب جي ڳالھ ته آهي، بهرحال) صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم تعجب مان چيو: سبحان الله! ڇا ڍڳي به ڳالهائيندي آهي؟ پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جي ان تعجب جي جواب ۾ فرمايو: فَاِنِّیْ اُوْمِنُ بِہٰذَا، اَنَا وَ اَبُوْبَکْرٍ وَ عُمَر (يعني ڍڳي ڳالهائيندي ناهي پر الله پاڪ چاهي ته ڍڳيءَ کي به ڳالهائڻ جي طاقت عطا فرمائي سگهي ٿو ۽) ان تي مون به ايمان آندو، ابو بڪر به ايمان آندو ۽ عمرِ فاروق به ان جي تصديق ڪئي.

   پوءِ پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ ٻيو واقعو بيان ڪيو، فرمايو: هڪ ڌنار پنهنجي ٻڪرين جي نگھباني ڪري رهيو هو، اوچتو هڪ بگهڙ ٻڪرين تي حملو ڪيو ۽ هڪ ٻڪري کي پڪڙي ڪري کڻي ويو، ڌنار ان بگهڙ جي پٺيان ڊوڙيو ۽ آخر ڪار ان کان ٻڪريءَ کي ڇڏائي ورتائين، جڏهن ان بگهڙ کان ٻڪري ڇڏائي ته بگهڙ ڌنار جي طرف متوجھ ٿيو ۽ چيائين: اي ڌنار! ٻڌاءِ ته سهي! جڏهن وحشي جانورن جو ڏينهن ايندو، ان ڏينهن هنن ٻڪرين جي حفاظت ڪير ڪندو...؟ ان تي صحابهءِ رَضِىَ اللهُ عَنْهم تعجب سان چيو: سبحان الله! ڇا بگهڙ به ڳالهائيندو آهي؟ پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وري به اهو ئي جواب ڏنو، فرمايائون: فَاِنِّیْ اُوْمِنُ بِہٰذَا، اَنَا وَ اَبُوْبَکْرٍ وَ عُمَر (يعني بگهڙ ڳالهائيندو ناهي پر الله پاڪ چاهي ته ان کي ڳالهائڻ جي طاقت عطا فرمائي سگهي ٿو ۽) ان تي مون به ايمان آندو، ابو بڪر به ايمان آندو ۽ عمرِ فاروق به ان جي تصديق ڪئي.[1]

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهي صديق ۽ فاروق رَضِىَ اللهُ عَنْهما جي ايمان جو شان...!! صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم سوال ڪيو هو، ته جيئن رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي فرمان کي سمجهي سگهن، پياري آقا، مديني واري


 

 



[1] بخاری،کتاب احادیث الانبیاء،صفحہ:891 ،حدیث:3471 ۔