Shan e Iman e Siddique

Book Name:Shan e Iman e Siddique

ڪيتري هئي * هاڻي ڪيتري آهي * ايندڙ پنجن سالن ۾ ڪاروبار ڪيستائين پهچائڻو آهي * ڪاروبار (Business) وغيره ۾ ترقي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ مختلف انداز سان گرافَ (خانا) ٺاهيا ويندا آهن * سالانه، ماهوار جائزا به ورتا ويندا آهن * ماهرين کان مشورا به ورتا ويندا آهن پر افسوس...!! * ايمان ۾ ڪيتري ترقي ٿي ان باري ۾ ڪير سوچي...!! * مسلمانن جي گهر پيدا ٿيا هئاسين * 20 سال، 30 سال، ڪنهن کي 40، 50 يا 60 سال به ٿي چڪا هوندا دنيا  ۾ ايندي * جڏهن بالغ ٿيا هئاسين، ان وقت ايماني ڪيفيتون جيڪي هيون، هاڻي به اهي ئي آهن * عشقِ رسول جي جيڪا ڪيفيت ان وقت هئي، هاڻي به اها ئي آهي * قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪندي، ان وقت به روئڻ نه ايندو هو، هاڻي به نه ٿو اچي، بلڪه ان کان وڌيڪ ڏک ۽ افسوس جي ڳالھ ته هي آهي جو مسلمانن جي هڪ وڏي تعداد اهڙي به آهي جنهن کي قرآنِ ڪريم ڏسي ڪري به پڙهڻ نه ٿو اچي * عذاب جون آيتون ٻڌي ڪري دل خوفِ خدا ۾ ان وقت به نه تڙپندي هئي، هاڻي به نه ٿي تڙپي * نماز ۾ دل 20 سال پهريان به نه لڳندي هئي، هاڻي به نه ٿي لڳي...!! هاء افسوسِ! ڪاش! اسان کي پنهنجي ايمان جو فڪر نصيب ٿي وڃي * دنيا جي سڀني کان وڏي دولت اهو ئي ايمان ته آهي * انهيءَ ايمان جي دولت جي ذريعي ته جنّت ملندي * جنّتي محل نصيب ٿيندا * جنّت جون نعمتون نصيب ٿينديون * جنّت ۾ آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو پاڙو نصيب ٿيندو * هن دولت يعني ايمان کي مضبوط ڪرڻ * ايماني  ڪيفيتن کي وڌائڻ جو ڪو فڪر ئي ناهي، شايد هڪ وڏي تعداد هوندي، جن ڪڏهن سوچيو به نه هوندو ته ايمان جي ڪيفيتن ۾ به اضافو هجڻ گهرجي بلڪه ٿي سگهي ڪنهن   ته اڄ ئي ٻڌو هجي ته هي به ڪو ڪم آهي.

   جي ها! پيارا اسلامي ڀائرو! هي به هڪ ڪم آهي بلڪه اهم ترين ڪم آهي، اسان مومن آهيون، ايمان اسان جي زندگي جو سرمايو آهي، هن ايمان جي ترقي، ايماني ڪيفيتن جي ترقي جو به اسان کي ئي فڪر ڪرڻو آهي.