Shan e Iman e Siddique

Book Name:Shan e Iman e Siddique

ڏندڻ جا طبي فائده (Physical Benefits) حاصل ته ٿيندا پر ثواب نه ملندو. مثال طور وُضو جي لاءِ مسواڪ ڪرڻو هجي ته هيئن ٽي نيّتون ڪري وٺو: رضاءِ الاهي، سنّت جي ادائگي ۽ ذڪر ۽ درود جي لاءِ پنهنجي وات کي صاف رکڻ جي لاءِ مسواڪ ڪندس * مشائخِ ڪرام فرمائن ٿا: جيڪو شخص مسواڪ  جو عادي هجي مرڻ وقت ان کي ڪلمو پڙهڻ نصيب ٿيندو * حضرت عبد الله ابن عباس رَضِىَ اللهُ  عَـنْهُما کان روايت آهي ته مسواڪ  ۾ ڏھ (10) خوبيون آهن: وات صاف ڪندو آهي، مهارن کي مضبوط بڻائيندو آهي، نظر وڌائيندو، بلغم پري ڪندو آهي، وات جي ڌپ ختم ڪندو آهي، سنت جي موافق آهي، ملائڪ خوش ٿيندا آهن، ربّ راضي ٿيندو آهي، نيڪي وڌائيندو ۽ معدو درست ڪندو آهي * مسواڪ ساڄي هٿ ۾ هن طرح پڪڙيو جو ننڍي آڱر ان جي هيٺيان ۽ وچ واريون ٽي آڱريون مٿي ۽ آڱوٺو چوٽيءَ تي هجي. * مسواڪ جڏهن استعمال جي قابل نه رهي ته اڇلايو نه جو هيءُ سنّت ادا ڪرڻ جو آلو آهي، ڪنهن جڳھ تي احتياط سان رکي ڇڏيو يا دفن ڪري ڇڏيو يا پٿر وغيره وزن ٻڌي ڪري سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏيو.[1]

   مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد: 3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحات جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو، سنّتن سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنّتن ڀريو سَفر به آهي.

سنتیں سیکھنے تین دِن کے لئے

رب کے در پر جُھکیں، اِلتِجائیں کریں         ہر مہینے چلیں، قافلے میں چلو

بابِ رحْمت کھلیں، قافلے میں چلو

  الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطافرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن   صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم


 

 



[1] 550 سنتیں اور آداب، صفحہ:47-50۔