Faizan e Imam Hasan Basri

Book Name:Faizan e Imam Hasan Basri

   ها! ڪارنامو ته هي آهي جو صبح صبح بستري جو آرام ڇڏي ڪري، نفس ۽ شيطان جو مقابلو ڪري نمازِ فجر باجماعت ادا ڪري وٺندو آهي * جيڪو مال ۽ دولت جي لالچ، دنيا جي محبت، ٿڪاوٽ (Tiredness)، سُستي وغيره کي پوئتي ڇڏي ڪري 5 وقت مسجد ۾ اچي ڪري الله پاڪ جي حُضور مٿو جهڪائيندو آهي، ڪارنامو ته اهو آهي * جيڪو فرض روزن سان گڏوگڏ نفل روزا به رکندو آهي * فرض نمازن سان گڏوگڏ نفلَ به پڙهندو آهي * جيڪو نفس ۽ شيطان کان مقابلو ڪري سنّتن تي عمل ڪندو آهي * جيڪو دنياوي نوڪرين جا خواب سجائي يا نه سجائي، آخرت ۾ جنّت ماڻڻ جي لا علمِ دين لازمي سکندو آهي * جيڪو الله پاڪ جي دين جي خدمت ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري، ڪم ڪار کان موڪل ڪري، گهر کان ٻارن ٻچن کان دُوري برداشت ڪري عاشقانِ رسول سان گڏ مدني قافلن جو مسافر (Traveler)  بڻجندو ۽ بڻائيندو آهي * جيڪو قرآنِ ڪريم پڙهندو، ۽ پڙهائيندو آهي * مدرسة المدينه بالغان ۾ پڙهندو ۽ پڙهائيندو آهي * نيڪي جي دعوت عام ڪندو آهي * نمازِ فجر ۾ پاڻ به اٿندو آهي، ۽ ٻين کي به جاڳائيندو آهي * گهر گهر، گهٽي گهٽي، دڪان دڪان وڃي ڪري الله پاڪ جي دين جي دعوت ڏيندو آهي. ڪارنامو ته ان انجام ڏنو.

 * فيشن پرست (Fashionista) ڪهڙو ڪارنامو ڪيو؟ جيڪو گناھن ۾ مشغول آهي ان ڪهڙو ڪارنامو انجام ڏنو؟ * جيڪو دنيا ۾ رهي ڪري صرف دنيا ئي بڻائيندو رهيو ان ڪهڙو ڪارنامو انجام ڏنو؟ * انهن جو ته ڪو مقابلو (Competitor)ڪندڙ ئي ناهي. فيشن جو زمانو آهي فيشن کان ڪير روڪيندو؟ ها! جيڪو سنّتون اپنائي * شيطان ان تي حملا ڪندو آهي * نفسِ امّاره ان کي ڀٽڪائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي * ماڻهو ان کي طعنا ڏيندا آهن ٻيو وري *