Faizan e Imam Hasan Basri

Book Name:Faizan e Imam Hasan Basri

معمولي به گهٽ وڌ نه ٿيندي توکي زندگيءَ جي هڪ هڪ گهڙيءَ جو حساب ڏيڻو پوندو.[1]

   اي عاشقانِ رسول! غور فرمايو! اهو ڪهڙو بي وسي (Helplessness) جو ڏينهن هوندو، ڪهڙي بي وسي هوندي، اسان ڪيڏو لاچار هونداسين جڏهن ملڪُ الۡموت عَلَيهِ السَّلَام تشريف وٺي ايندا، ساھ رڪبو، آخري هڏڪي (Hiccup) ايندي ۽ روح جسم کان جُدا ٿي ويندو. هاءِ! ان ڏينهن نه ڪنهن جي بادشاهي ان کي بچائي سگهندي، نه ڪنهن غريب جي غربت تي ترس کاڌو ويندو، نه ڪنهن جو زور هلي سگهندو، نه ڪنهن ڪمزور جي ڪمزوري جو عُذر مڃيو ويندو. شيخِ طريقت، اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ آخرت جي ياد سان مالا مال پيغام ڏيندي ارشاد فرمائن ٿا:

جب فِرِشتہ موت کا چھا جائے گا        پھر بچا کوئی نہ تجھ کو پائے گا

دُنیا میں رِہ جائے گا یہ دبدبہ                                 زور تیرا خاک میں مِل جائے گا

تیری طاقت، تیرا فَن، عُہدہ تِرا                           کچھ نہ کام آئے گا سرمایہ تِرا

قبر روزانہ یہ کرتی ہے پُکار                                   مجھ میں ہیں کیڑے مکوڑے بےشُمار

یاد رکھ میں ہوں اندھیری کوٹھڑی                        تجھ کو ہو گی مجھ میں سُن وَحْشت بڑی

میرے اندر تُو اکیلا آئے گا                                 ہاں! مگر اَعْمَال لیتا آئے گا

سانپ بچھو قبر میں گر آگئے!                              کیا کرے گا بےعمل گر چھا گئے؟

گورِ نیکاں باغ ہو گی خُلْد کا                                     مجرِموں کی قبر دوزخ کا گڑھا

کر لے توبہ رَبّ کی رحمت ہے بڑی                     قبر  میں  ورنہ  سزا  ہو  گی  کڑی[2]

   الله پاڪ اسان کي زندگي ڀَر قبر ۽ آخرت جي تياري ۾ مصروف رهڻ جي


 

 



[1] ابیاتِ باہُو، صفحہ:325 ملخصاً ۔

[2] وسائل بخشش، صفحہ:711-712 ملتقطًا۔