Faizan e Imam Hasan Basri

Book Name:Faizan e Imam Hasan Basri

رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي بارگاھ ۾ حاضر ٿياسين. جڏهن سندن روزو افطار ڪرڻ چاهيو ته ڪنهن قرآنِ ڪريم جي آيت تلاوت ڪئي:

اِنَّ  لَدَیۡنَاۤ  اَنۡکَالًا وَّ  جَحِیۡمًا (ۙ۱۲) وَّ طَعَامًا ذَا غُصَّۃٍ  وَّ عَذَابًا  اَلِیۡمًا (۱۳)  (سيپارو: 29، سورة مزّمّل: آيت: 12_ 13)

ترجمو ڪنزالعرفان: بيشڪ اسان وٽ ڳريون زنجيرون آهن ۽ ڀڙڪندڙ باھ آهي ۽ نڙيءَ ۾ ڦاسڻ وارو کاڌو ۽ دردناڪ عذاب آهي.

   هيءَ آيت ٻڌندي ئي کين پنهنجو هٿ کاڌي کان روڪي ورتو ۽ هڪ گِرھ به نه کاڌو ۽ فرمايائون: هي کاڌو هتان کان پري ڪيو. ٻئي ڏينهن وري پاڻ روزو رکيو. افطار جي وقت جڏهن سندن جي اڳيان کاڌو رکيو ويو ته سندن کي وري اها ئي آيت ياد اچي وئي. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ گرھ به نه کاڌو ۽ فرمايائون: هي کاڌو مون کان پري کڻي وڃو. اهڙيءَ طرح ٽئين ڏينهن به پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن بنا ڪجھ کائڻ جي اهڙيءَ طرح روزو رکي ڇڏيو.

   پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي شهزادي جڏهن سندن جي هيءَ حالت ڏٺي ته کين بنا کائڻ جي 3 ڏينهن گذاري ڇڏيا آهن ته اهي نهايت پريشان (Worried) ٿيا ۽ زماني جي مشهور ولي حضرت ثابت بُناني، حضرت يحيٰي ۽ ٻين اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهم جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيا ۽ عرض ڪيائون: حُضور! اوهان جلدي جلدي منهنجي والد صاحب جي مدد جي لاءِ پهچو! انهن لڳاتار 3 ڏينهن ۾ صرف ڪجھ ڍُڪَ پاڻي پي ڪري روزو رکيو آهي ۽ 3 ڏينهن تائين کاڌي جو هڪ گرھ به ناهي کاڌو. اسان جڏهن به انهن جي سامهون سحري يا افطاري جي لاءِ کاڌو پيش ڪندا آهيون ته انهن کي قرآنِ ڪريم جي هي آيت ياد اچي ويندي آهي:

اِنَّ  لَدَیۡنَاۤ  اَنۡکَالًا وَّ  جَحِیۡمًا (ۙ۱۲) وَّ طَعَامًا ذَا غُصَّۃٍ  وَّ عَذَابًا  اَلِیۡمًا (۱۳)  (سيپارو: 29، سورة مزّمّل: آيت: 12_ 13)

ترجمو ڪنزالعرفان: بيشڪ اسان وٽ ڳريون زنجيرون آهن ۽ ڀڙڪندڙ باھ آهي ۽ نڙيءَ ۾ ڦاسڻ وارو کاڌو ۽ دردناڪ عذاب آهي.