Faizan e Imam Hasan Basri

Book Name:Faizan e Imam Hasan Basri

   خدار! جلدي هلو ۽ هي معاملو حل فرمايو. اهو ٻڌي ڪري هي اولياء حضرات رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهم امام حَسَن بَصۡري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وٽ آيا، جڏهن افطاري جو وقت ٿيو ته وري کين اها ئي آيت ياد اچي وئي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کاڌو کائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو پر حضرت ثابت بُناني، حضرت يحيٰي ۽ ٻين اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهم جن مسلسل اصرار ڪيو ته سندن مشڪل سان سَتو مِليل پاڻي پيئڻ تي راضي ٿيا ۽ انهن حضرات جي اصرار تي ٽئين ڏينهن سَتو مِليل شربت پيتو.[1]

   الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! هي ڪهڙو خوفِ خدا آهي، هي ڪهڙو آخرت جو فڪر آهي. امام حَسَن بَصۡري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پاڻي پيئڻ لڳا ته قرآنِ ڪريم جي آيت ياد اچي وئي، روزو کولڻ لڳا ته جهنمين جي کاڌي بابت آيت ياد اچي وئي، سندن تي خوفِ خدا جو غلبو ٿي ويو، هاءِ! هڪ اسان آهيون، ڏينهن رات گناھن ۾ مصروف آهيون، دل تي ڪاراڻ تي ڪاراڻ چڙهندي ئي پئي وڃي پر حال (Situation) ڪهڙو آهي؟

دن لَہْو میں کھونا تجھے شب صُبح تک سونا تجھے           شرمِ نبی خوفِ خدا یہ بھی نہیں وہ بھی نہیں [2]

وضاحت: اي غافل نفس! ڏينهن فضوليات ۾ گذاريندو آهين، رات جو غفلت جي ننڊ ستو پيو هوندو آهين، افسوس! نه امّت جي غم ۾ روئڻ واري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو شرم...! نه بارگاھِ الاهي ۾ پيشي جو خوف...! توکي ڪجھ حيا ناهي.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1] عیون الحکایات(مترجم)،جلد:1،صفحہ:370۔

[2] حدائقِ بخشش،صفحہ:111۔