Faizan e Imam Hasan Basri

Book Name:Faizan e Imam Hasan Basri

جو پاڻي خود بخود اُٻري ڪري مٿي اچي ويو ۽ سندن جو هٿ مبارڪ لڳڻ جي برڪت سان کجورن جون ککڙيون سون جون بڻجي ويون. يقيناً الله پاڪ جا نيڪ ٻانها وڏا ئي باڪمال هوندا آهن، الله پاڪ انهن کي بلند شان به عطا فرمائيندو آهي، انهن کي پنهنجي قرب سان نوازيندو به آهي ۽ انهن کي پنهنجي خاص انعامات سان نوازيندي ڪرامتون به عطا فرمائيندو آهي.

   اي عاشقانِ رسول! هاڻي اسان جيڪا حڪايت ٻڌي، ان ۾ اسان جي لاءِ سکڻ بلڪه عملي طور تي (Practically) زندگي ۾ نافذ (Implement) ڪري وٺڻ جو نهايت زبردست مدني گُل آهي. اهو هي ته ڏسو! امام حَسَن بَصۡري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي ڪرامت سان کوھ جو پاڻي خود بخود اُٻري ڪري مٿي اچي ويو پر جيئن ئي هڪ شخص بي يقيني (Suspicion) جو مظاهرو ڪيو، ڪجھ پاڻي بچائي ڪري رکيو ته کوھ جو پاڻي وري هيٺ هليو ويو. ان مان معلوم ٿيو: توڪل (يعني الله پاڪ تي ڀروسو) نه هجڻ محرومي جو سبب آهي. اسان کي گهرجي ته * اسان الله پاڪ تي ڀروسو (Trust) ڪيون * پنهنجو يقين مضبوط ڪيون * جيڪو ربُّ پاڪ تمام مخلوق کي عطا فرمائي رهيو آهي يقيناً اهو اسان کي به عطا فرمائيندو * جنهن صبح جو کاڌو ڏنو آهي، رات جو به اهو ئي عطا فرمائيندو * جنهن ننڍپڻ (Childhood) ۾ کير جي نعمت سان نوازيو، جوانيءَ ۾ به اهو ئي اسان جو ربُّ اسان کي نوازيندو، پوڙهائپ (Old Age) ۾ به اهو ئي عطا فرمائيندو. ان ڪري الله پاڪ تي ڀروسو رکڻ گهرجي، پنهنجو يقين مضبوط ڪرڻ گهرجي، الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

وَ مَنۡ  یَّتَوَکَّلۡ عَلَی اللّٰہِ  فَہُوَ حَسۡبُہٗ ؕ  (سيپارو: 28، سورة طلاق: آيت: 3)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ جيڪو الله تي ڀروسو ڪري ته اهو ان کي ڪافي آهي.