Book Name:Faizan Rabi-ul-Akhir

  هرمبلغه بيان ڪرڻ کان پهريان گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڀيرا پڙهي

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

فيضان ربيع الآخر

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                                                       وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                       وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

دُرُود شريف جي فضيلت

حضورِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: جنهن مون تي هڪ ڀيرو درود پاڪ پڙهيو الله ڪريم ان تي ڏهه رحمتون نازل فرمائيندو آهي ۽ جنهن مون تي ڏهه ڀيرا درود پاڪ پڙهيو الله ڪريم ان تي سؤ رحمتون نازل فرمائيندو آهي ۽ جنهن مون تي سؤ ڀيرا درود پاڪ پڙهيو الله ڪريم ان جي ٻنهي اکين جي وچ ۾ لکي ڇڏيندو آهي ته هي نفاق ۽ جھنم جي باهه کان آزاد آهي ۽ ان کي قيامت جي ڏينهن شهيدن سان گڏ رکندو۔

(مُعْجَم اَوسَط،۵/۲۵۲،حديث:۲۷۳۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                          صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿيون. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي. (المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.