Book Name:Isteqmat Kamyabi Ka Raaz Hai

هرمبلغه بيان ڪرڻ کان پهريان گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڀيرا پڙهي

استقامت ڪاميابي جو راز آهي

دُرُود شريف جي فضيلت  

حضورِاڪرم، نورِ مجسمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ رحمت نشان آهي: توهان پنهنجي مَجلسن کي مون تي دُرُودِ پاڪ پڙهي سينگاريو، ڇوته توهان جو مون تي دُرُود پڙھڻ بَروزِ قِيامت توهان جي لاءِ نُور ٿيندو۔ (جامع صغير، ص۲۸۰، حديث :۴۵۸۰)

 

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيتون ڪري وٺون ٿيون. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ “  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي. (المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندَس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس ٭