Book Name:Mojza Ban Kay Aaya Hamara Nabi

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

معجزو بڻجي آيو اسان جو نبي   صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ     (مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

پيارا اسلامي ڀائرو! جڏهن به مسجد ۾ حاضري جي سعادت ملي ته اعتڪاف جي نيت ڪندا ڪيو ته جيئن اعتڪاف جو ثواب ملندو رهي ۽ ضرورت پوڻ تي کائڻ، پيئڻ، سمهڻ وغيره به جائز ٿي وڃي. هتي هيءَ ڳالھ ذهن ۾ رکو ته اعتڪاف جي نيت کائڻ، پيئڻ يا سمهڻ جي لاءِ نه هئڻ گھرجي بلڪ ان جو مقصد الله تعاليٰ جي رِضا هجي۔ ”فتاويٰ شامي“ ۾ آهي: جيڪڏهن ڪو مسجد ۾ کائڻ پيئڻ يا سمهڻ چاهي ته اعتڪاف جي نيت ڪري ۽ ڪجھ دير ذِڪرُاللہ ڪري پوءِ جيڪو چاهي ڪري (يعني هاڻي چاهي ته کائي پي يا سمهي سگھي ٿو)  جيڪڏهن ممڪن هجي ته اعتڪاف جي نيت ڪري 12 ڀيرا درودِ پاڪ پڙهي وٺو يا ٻيو ڪو نيڪ ڪم ڪيو. انشاءَالله ثواب وڌندو رهندو ۽ مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ ۽ سمهڻ وغيره به جائز ٿي ويندو.

دُرُود شريف جي فضيلت

هڪ شخص جو بيان آهي: مون کان هڪ رات نماز پڙهندي تَشهُّد ۾ بيڪسن جي مددگار، دوعالم جي مالڪ ۽ مختار صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي درود پڙهڻ وسري ويو، مون تي ننڊ جو غلبو ٿيو ۽ مان سمهي پيس. خواب ۾ آقاءِ دوجهان، سرورِ ذيشان جو ديدار نصيب ٿيو. پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايو: تُون اڄ اسان تي درود پڙهڻ وسري وئين. مون عرض ڪيو: يارسول اللهصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مان الله پاڪ جي ثناء ۾ مشغول هيس. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايو: ڇا