Book Name:Nigah e Ghous Azam

وضاحت:جيڪو بد نصيب سندن دربار تي حاضر ٿيو، پاڻ ان جي نصيب کي چمڪائي ڇڏيو آهي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شهنشاھ نبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: مَنۡ تَمَسَّكَ بِسُنَّتِيۡ عِنۡدَ فَسَادِ اُمَّتِيۡ فَلَهُ اَجۡرُ مِائَةِ شَهِيدٍ يعني اُمت جي فساد جي وقت جيڪو شخص منهنجي سنت تي مضبوطي سان عمل ڪندو ان کي سو شهيدن جو ثواب ملندو۔([1])

ہر کام شریعت کے مطابِق میں کروں کاش!                یارَبّ تو مبلغ مجھے سُنّت کا بنا دے([2])

دعا گھرڻ سُنَّتِ مصطفيٰ آهي

          فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم: اَلدُّعَاءُ سِلَاحُ المُؤۡمِنِ دعا مومن جو هٿيار آهي۔([3])

اي عاشقانِ رسول! دعا گھرڻ سُنَّتِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم آهي * اسان جا پيارا آقا، عالم جا داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڪثرت سان دعائون گھرندا ها * ڪجھ مُحَدِّث سڳورن سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ دُعائن جي حوالي سان پورا پورا ڪتاب لکيا آهن، مثال طور ماني کائڻ جي دُعا، پاڻي پيئڻ جي دُعا، سمهڻ وقت جي دُعا، ننڊ مان جاڳڻ وقت پڙھڻ جي دُعا،


 

 



[1]...زُہد کبیر، صفحہ:118، حدیث207۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:115۔

[3]...مسند ابی یعلی، جلد:2، صفحہ:123، حدیث:1812۔