Book Name:Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ

(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

پيارا اسلامي ڀائرو! نَوَیْتُ سُنَّتَ الْاِعْتِکَاف جي معني آهي: مون سُنَّت اعتڪاف جي نيت ڪئي۔ نيت دِل جي ارادي کي چئبو آهي، جڏهن به مسجد ۾ حاضِري نصيب ٿئي، هر ڀيرو ياد ڪري دِل ۾ ارادو رکي عربي، سنڌي يا ڪنهن به زبان ۾ اعتڪاف جي نيت ڪرڻ گھرجي!، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! جيستائين مسجد ۾ رهندؤ نفل اعتڪاف جو ثواب ملندو رهندو، ياد رکو! مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ، سحري افطاري ڪرڻ، دَم ڪيل پاڻي پيئڻ وغيره شرعاً جائِز نه آهي، اعتڪاف جي نيت ڪنداسين ته اهي ڪم به جائِز ٿي ويندا۔

درود شريف جي فضيلت

فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: جنهن ڪتاب ۾ مون تي دُرُود پاڪ لکيو ته جيستائين منهنجو نالو ان ۾ لکيل رهندو، ملائڪ ان جي لاءِ اِسْتِغْفَار (يعني بخشش جي دُعا) ڪندا رهندا۔([1])

عجب کرم کہ خود مجرموں کے حامی ہیں       گناہگاروں کی بخشش کرانے آئے ہیں

وہ پرچہ جس میں لکھا تھا دُرود اُس نے کبھی       یہ اس سے نیکیاں اُس کی بڑھانے آئے ہیں([2])


 

 



[1]...معجم اوسط، جلد:1، صفحہ:497، حدیث:1835۔

[2]...سامانِ بخشش، صفحہ:141و142۔